لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان) لاڙڪاڻي ۾ پهرين شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو يتيم ٻارن جي اسپورٽس فيسٽيول 2026ع جي اختتامي تقريب شهر جي ايم اي کهڙو اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر اسد اسحاق، ايڊيشنل سيڪريٽري / ڊائريڪٽر اسپورٽس سنڌ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته دڙي ٽائون جو چيئرمين شاھ رخ انور سيال پڻ ساڻس گڏ موجود هئا. فيسٽيول دوران ڪراٽي، ڊاج بال، ڪرڪيٽ، رسو ڇڪڻ، والي بال، 100 ميٽر ريس، سيڪ ريس ۽ لڊو سميت مختلف راندين جا دلچسپ مقابلا منعقد ڪيا ويا، جن ۾ يتيم ٻارن ڀرپور جوش ۽ جذبي سان حصو وٺندي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. مقابلن جا نتيجا هن ريت رهيا ڪراٽي ۾ سمير پهرين فياض علي ٻئين ۽ عزير ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. ڊاج بال رند ۾ ونر غازي، ڪپتان اويس ۽ رنر اپ ڪارونجهر، ڪپتان آفتاب ڪرڪيٽ ۾ ونر ٽيم 11، ڪپتان فياض علي ۽ رنر اپ سچل 11، ڪپتان سهيل احمد رھيا. رسو ڇڪڻ (Tug of War) جي راند ۾ ونر سچل، ڪپتان سمير ۽ رنر اپ شاهه باز، ڪپتان رمضان رھيا. والي بال جي مقابلي ۾ ونر قلندر ۽رنر اپ شاهد لطيف جن ٿيا. 100 ميٽر ريس جي مقابلي ۾ پهريون نمبرحبيب، ٻيو نمبر حسيب ۽ ٽيون نمبر بلاول حاصل ڪيو. سيڪ ريس ۾ پهريون نمبر مختيار، ٻيو نمبر محمد اويس ۽ ٽيون نمبر مهتاب حاصل ڪيو. جڏهن ته لڊو راند ۾ پهريون سيٽ ڪاظم علي ۽ علي نواز، ٻيو سيٽ ذڪيو ۽ مختيار، ٽيون سيٽ مسعود ۽ محمد دانش، چوٿون سيٽ فرحان چانڊيو ۽ باسط چانڊيو ۽ پنجون سيٽ مجيب ۽ بلاول ۾ ٿيو. ان موقعي تي خاص مهمان ڊاڪٽر اسد اسحاق اعلان ڪيو ته يتيم ٻارن جي هن اسپورٽس فيسٽيول کي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي، حڪومتِ سنڌ جي سالياني اسپورٽس ڪئلينڊر ۾ شامل ڪيو ويندو، ته جيئن هيءَ اهم ۽ ساراهه جوڳي شروعات ايندڙ سالن ۾ پڻ جاري رهي ۽ يتيم ٻارن کي راندين جي ميدان ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻ جا وڌيڪ موقعا فراهم ٿي سگهن. تقريب جي پڄاڻيءَ تي مختلف راندين ۾ ونر ۽ رنر اپ ٽيمن، پهرين، ٻي ۽ ٽين پوزيشن ماڻيندڙ رانديگرن ۾ انعام ۽ ٽرافيون ورهايون ويون. تقريب جو مقصد يتيم ٻارن ۾ راندين جي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ، سندن صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ کين صحتمند تفريحي ماحول فراهم ڪرڻ هو. تقريب جي آخر ۾ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر لاڙڪاڻو محفوظ مڪاني آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪندي سنڌ جي سوکڙي ٽوپي ۽ اجرڪ پارايا ۽ شاگردن ۽ پڻ تحفا ورهايا. جڏهن ته تقريب ۾ لا ڊپارٽمينٽ لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ اٽارني عبدالنبي ساريو پڻ شرڪت ڪئي.
لاڙڪاڻي ۾ پهرين شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو يتيم ٻارن جي اسپورٽس فيسٽيول 2026ع جي اختتامي تقريب
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
