سيوهڻ شريف( رپوٽ اعجازعلي ٻگهيو)سيوهڻ شريف ناٿا فائونڊيشن پاران مفت اکين جي آپريشن ڪيئمپ لڳائي وئي ، 90 کان وڌيڪ مفت آپريشن ڪيا ويا سيوهڻ شريف ۾ ناٿا فائونڊيشن شاهه بي بي هيلٿ ڪيئر سينٽر سيوهڻ برانچ ۾ ناٿا فائونڊيشن جي چيئرمين محمد رمضان ناٿا جي سهڪار سان اکين جي آپريشن ڪيئمپ جو انعقاد ڪيو ويو. ڪيمپ ۾ ماهر ڊاڪٽرن پاران سنڌ جي مختلف ضلعن مان ايندڙ مريضن جا مفت اکين جا طبي معائنا ڪيا ويا ، جڏهن ته مستحق مريضن جا 90 پلس+ کان وڌيڪ اکين جا لينس لڳائي آپريشن پڻ مفت ڪيا ويا آهن. مفت اکين جي ڪيمپ ۾ مريضن جو وڏو انگ موجود هو ، جتي ماهر ڊاڪٽر مريضن جو معائنو ڪري انهن کي مفت دوائون، چشما ۽ ٻيون ضروري صحت جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن ان موقعي تي ناٿا فائونڊيشن جي چيئرمين محمد رمضان ناٿا جو چوڻ هو ته ڪئمپ ۾ جيڪي مريض اچن پيا انهن ۾ صحت جي حوالي سان مختلف مريض جن ۾ سائي شوگر بليڊ پريشر ۽ ٻيون بيمارين وڙ چڙهيل ھئا سنڌ حڪومت کي گهرجي ته صحت جي حوالي سان وڏي وزير سنڌ جي شهر سيوهڻ شريف ۾ انهن بيمارين جي بچاو لاءِ اپاءَ ورتا وڃن ۽ ڪئمپ مقرر ڪيا جتي مفت سهولتون فراهم ڪيون وڃن . وڌيڪ ناٿا فائونڊيشن جي چيئرمين محمد رمضان ناٿا ۽ شاھ بيبي هيلٿ ڪيئر سينٽر برانچ سيوهڻ جي سي اي او مئڈم روبینہ رمضان ناٿا چيو ته اکين جي ڪيئمپ جي انعقاد جو مقصد ضرورت مند ۽ مستحق ماڻهن کي مفت اکين جي علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي ويجهو بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي.
سيوهڻ شريف ناٿا فائونڊيشن پاران مفت اکين جي آپريشن ڪيئمپ لڳائي وئي ، 90 کان وڌيڪ مفت آپريشن ڪيا ويا
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
