لاڙڪاڻو(رپورٽ پاڪ سوچ) لاڙڪاڻي شهر جي يوسف آباد پاڙي جي رهواسي نابين حافظ قرآن نوجوان معذور ڪوٽا جي نوڪري نه ملڻ ۽ مالي سهائتا نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ حافظ حبيب الله رُڏ ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته مان ڄائي ڄم کان اکين کان محروم ۽ حافظ قرآن آهيان، منهنجا والدين ڪجهه عرصو اڳ وفات ڪري ويا جنهن کان پوءِ مان يوسف آباد ۾ قائم مدرسي ۾ رهائش اختيار ڪرڻ تي مجبور آهيان، مان 8 ڪلاس پاس آهيان، ڪافي ڀيرا معذور ڪوٽا جي لاءِ درخواستون ڏنيون پر هن وقت تائين نوڪري نه ملي سگهي جنهن ڪري زندگي جو خرچو هلائڻ مشڪل ٿي پيو آهي. منهنجي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ايم پي اي جميل احمد سومرو، ايم پي اي سهيل انور سيال سميت ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي مون کي معذور ڪوٽا تحت نوڪري ڏئي مالي سهائتا ڪئي وڃي.
