لاڙڪاڻو (رپورٽ عادل خان) شھيد محترمہ بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي جي ماتحت ٻارن جي بيمارين شعبي پاران ٻارن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ اداري جي سھڪار سان عالمي ٻارن جي ڏينھن جي مناسبت سان ٻن ڏينھن واري ٻارن جي بيمارين بابت ڏهين سالياني قومي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنھن جو موضوع ” ابتدائي ٻاروتڻ جي نشونما ۾ سيڙپڪاري: سڄي زندگيءَ جي صحت لاءِ مضبوط بنيادن جي تعمير هو.ڪانفرنس جي صدارت يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهہ ڪمال ڪئي.ڪانفرنس جي پھرين ڏينھن ٻارن جي بيمارين اسپتال۾ ٽي تربيتي ورڪشاپون منعقد ڪيون ويون، جن ۾ آغا خان يونيورسٽي ڪراچي ۽ لاهور جي ٻارن جي صحت بابت يونيورسٽي جي ماهرن پروفيسر عائشه فريد، پروفيسر ڊاڪٽر خيرالنساءُ مختيار، ڊاڪٽر ووِيڪ ۽ ڊاڪٽر صنم بانو شرڪت ڪندڙ ڊاڪٽرن جي رهنمائي ڪئي. ورڪشاپن ۾ اعليٰ طبي تربيت حاصل ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ عام طبي معالج سميت مجموعي طور 120ڊاڪٽرن کي تربيت فراهم ڪئي وئي،جڏهن ته ڪانفرنس دوران ماهرن پاران ٻارن جي صحت، بيمارين ۽ ابتدائي نشونما بابت 12 تحقيقي مقالا پڻ پيش ڪيا ويا.ڪانفرنس ۾ ڊين پروفيسر الطاف احمد شيخ، پروفيسر غلام رسول ٻوڪ، پروفيسر اقبال اي ميمڻ ۽ ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي پروفيسر امان الله لائل اعزازي مھمان طور شرڪت ڪئي. ان کان سواءِ لاهور جي ٻارن جي صحت بابت يونيورسٽي جي پروفيسر عائشہ فريد، آغا خان يونيورسٽي ڪراچي جي ٻارن جي بيمارين جي ماهر پروفيسر ڊاڪٽر خيرالنساءُ مختيار، ڊاڪٽر صنم بانو، ڪوئيٽا جي ڊاڪٽر سويتا ڪماري، پروفيسر شازيہ شيخ، لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز، پيپلز يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز، گمس، خيرپور ميڊيڪل ڪاليج ۽ گمبٽ ميڊيڪل ڪاليج جي فيڪلٽيءَ سميت شھيد محترمہ بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي فيڪلٽي ۽ انتظامي عملدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهہ ڪمال پنھنجي خطاب ۾ ٻارن جي صحتمند مستقبل جي تعمير لاءِ والدين جي مثبت تربيت، پيار، توجهہ، مناسب سار سنڀال ۽ بھترين پرورش جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته ٻار جي زندگيءَ جا ابتدائي سال سندس جسماني، ذهني، سماجي ۽ جذباتي نشونما لاءِ انتھائي اهميت رکن ٿا، تنھنڪري ان مرحلي ۾ مناسب توجھہ، بهترين تربيت، غذائيت ۽ صحت جي سھولتن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ لازمي آهي.وائيس چانسلر چيو ته پاڪستان ۾ هر سال تقريباً اڍائي لک نوان ڄاول ٻار زندگيءَ جا پھريان 28 ڏينھن مڪمل ٿيڻ کان اڳ فوت ٿي وڃن ٿا، جڏهن ته اندازاً 11 هزار عورتون هر سال حمل ۽ ٻار جي پيدائش سان لاڳاپيل پيچيدگين سبب حياتيون وڃائين ٿيون، اھي انگ اکر ماءُ ۽ ٻار جي صحت بابت ڌيان ڇڪائن ٿا.هن وڌيڪ چيو تہ”ماءُ ٻار جي پھرين درسگاه آهي، تنهنڪري ماءُ جو تعليم يافتہ هجڻ انتھائي ضروري آهي، ڇو ته تعليم سان شعور، بھتر صحت، خانداني منصوبابندي ۽ صحتمند نسل جي پرورش ممڪن بڻجي ٿي.“ هن چيو تہ يونيورسٽي جي ذميواري صرف طبي تعليم فراهم ڪرڻ تائين محدود نہ آهي، پر صحتمند معاشري جي تعمير، عوام ۾ صحت بابت شعور ۽ آگاهي پيدا ڪرڻ پڻ ان جي بنيادي ذميوارين ۾ شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٻارن جي بھتر مستقبل لاءِ والدين، طبي ماهرن، تعليمي ادارن ۽ سماج جي گڏيل ڪردار کي يقيني بڻائڻو پوندو.تقريب دوران مختلف ماهرن ٻارن جي صحت، ابتدائي ٻاروتڻ جي نشونما، غذائيت، بيمارين جي روڪٿام ۽ جديد طبي تحقيق بابت پنھنجا علمي ۽ تحقيقي خيال پيش ڪيا. شرڪت ڪندڙن اهڙين علمي ۽ تربيتي سرگرمين کي ٻارن جي صحت جي شعبي ۾ پيشہ ورانہ صلاحيتن ۽ طبي خدمتن جي معيار کي بھتر بڻائڻ لاءِ اهم قرار ڏنو.ڪانفرنس جي ڪامياب انعقاد تي ان جي سيڪريٽري پروفيسر دلي جان بلوچ کي شرڪت ڪندڙن ۽ ماهرن پاران مبارڪباد پيش ڪئي وئي ۽ سندس انتظامي ڪوششن کي ساراهيو ويو.
شھيد محترمہ بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي جي ماتحت ٻارن جي بيمارين شعبي پاران ٻارن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ اداري جي سھڪار سان عالمي ٻارن جي ڏينھن جي مناسبت سان ٻن ڏينھن واري ٻارن جي بيمارين بابت ڏهين سالياني قومي ڪانفرنس منعقد
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
