سکر(رپورٽ احمد علي) سکر انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ غير سرڪاري تنظيم ناري فائونڊيشن عورتن ۽ ڇوڪرين خلاف صنفي بنيادن تي ٿيندڙ تشدد جي خاتمي، متاثرن جي تحفظ ۽ انصاف جي فراهمي لاءِ سکر ۾16 ڏينهن واري عوامي آگاهي مهم هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي.اهڙو اعلان ناري فائونڊيشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر انور مهر، هوپ فار آل سوشل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي چيئرپرسن رابعه مرزا، سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ميمبر غزاله انجم، سمرين شفيق، پارس بلوچ، نازش، ماهه نور ۽ زينب سان گڏ سکر نيشنل پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو.مهم جي شروعات 25 نومبر تي عورتن خلاف تشدد جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٿيندي، جڏهن ته 10 ڊسمبر تي انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي م پڄاڻي واري تقريب ڪوٺائي ويندي.ناري فائونڊيشن موجب هلندڙ سال مهم جو موضوع”عورتن ۽ ڇوڪرين خلاف تشدد جي خاتمي لاءِ متحد ٿيو، انصاف يقيني بڻايو، متاثرن کي تحفظ ڏيو ۽ ڏوهارين کي سزا کان ڇوٽ نه ڏيو.“پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي انور مهر چيو ته عورتن ۽ ڇوڪرين خلاف تشدد انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، جڏهن ته اهڙن واقعن تي خاموشي اختيار ڪرڻ ڏوهه ڪندڙن کي تحفظ فراهم ڪرڻ برابر آهي.هن چيو ته مهم ذريعي سکر جي شهرين، خاندانن، سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن ۽ ميڊيا کي متحد ڪري اهو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته عورتن خلاف تشدد ڪنهن به صورت ۾ قبول جوڳو ناهي.مهم دوران ڪميونٽي سطح تي جاڳرتا ويهڪون، عورتن ۽ ڇوڪرين جي حقن بابت پروگرام، مردن ۽ ڇوڪرن سان مڪالما، تعليمي ادارن ۾ جاڳرتا سرگرميون ۽ سوشل ميڊيا مهم هلائي ويندي، جڏهن ته سڄي شهر ۾ گيڙو رنگ ذريعي تشدد جي انت بابت پيغامن کي اجاگر ڪيو ويندو.ناري فائونڊيشن مهم دوران سڌي ريت هڪ هزار کان 15 سئو ماڻهن تائين پهچ حاصل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي.فائونڊيشن پاران فراهم ڪيل انگن اکرن موجب وومين ايڪشن فورم 2021ع کان 2024ع تائين تشدد جا 2 هزار 564 واقعا دستاويزي صورت ۾ رڪارڊ ڪيا، جڏهن ته عورتن خلاف تشدد جا ڪيترائي واقعا رپورٽ ئي نٿا ٿين.فائونڊيشن موجب 2023ع جي آدمشماريءَ ۾ سکر ضلعي ۾ عورتن جي خواندگيءَ جي شرح لڳ ڀڳ 47 سيڪڙو، جڏهن ته مردن جي خواندگيءَ جي شرح 68 سيڪڙو ڄاڻائي وئي آهي. خواندگيءَ ۾ اهو صنفي فرق عورتن جي پنهنجي قانوني حقن ۽ موجود مددگار خدمتن بابت ڄاڻ تائين پهچ محدود ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.ناري فائونڊيشن ضلعي ۽ ڊويزنل انتظاميا، سکر ميونسپل ڪارپوريشن، ڪاروباري ادارن، سول سوسائٽي ۽ شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي عورتن خلاف تشدد جي خاتمي ۽ متاثرن کي انصاف جي فراهمي لاءِ هن مهم ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن.واضح رهي ته صنفي بنيادن تي ٿيندڙ تشدد خلاف عالمي سطح تي 16 ڏينهن واري مهم جي شروعات 1991ع ۾ ٿي هئي، جيڪا هر سال سڄي دنيا ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين جي حقن جي تحفظ ۽ تشدد جي خاتمي لاءِ هلائي ويندي آهي.
سکر۾ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ غير سرڪاري تنظيم ناري فائونڊيشن عورتن ۽ ڇوڪرين خلاف صنفي بنيادن تي ٿيندڙ تشدد جي خاتمي، متاثرن جي تحفظ ۽ انصاف جي فراهمي لاءِ سکر ۾16 ڏينهن واري عوامي آگاهي مهم هلائڻ جو اعلان
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
