نوشهروفيروز(رپورٽ عطا حسين)سنڌ اسان جي امڙ آهي۔ سنڌ جياپو آهي سنڌ جي جدوجهد ۾ اسان جو خون شامل آهي سنڌ سان غداري خون سان غداري هوندي سنڌ جا حلالي پٽ سنڌ جو ورهاڱوڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندا اهڙن خيالن جو اظهار اديب۔ ليکڪ نامياري قانوندان ايڊووڪيٽ عبدالحسين مري نوشهروفيروز ۾ سنڌ مري اتحاد جي سالياني اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيوهن چيو ته سنڌ جي ورهاڱي ۽ وحدانيت تي پهرين به ڪيترائي حملا ٿي چڪا آهن پر سنڌ جا حلالي پٽ سنڌ جو ورهاڱو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندا۔ ان موقعي تي سنڌ مري اتحاد جي مرڪزي صدر رئيس حبيب خان مري چيو ته سنڌ مري اتحاد جو مقصد ٻين برادرين سان گڏ پٺ تي پيل برادري جي خدمت ڪرڻ آهي۔ نوجوانن کي گهرجي ته سنڌ مري اتحاد جي پليٽ فارم تي اچي ڪري پنهنجي برادري جي خدمت ڪن۔ سنڌمري اتحاد جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري خادم حسين مري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اتحاد جو مقصد پنهنجي برادري کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ آهي مري برادري پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏياري ته جيئن ملڪ سميت پنهنجي برادري جي نياڻين جي پڙهائي لاء خدمتون سرانجام ڏين۔ نوشهروفيروز جي صدر نامياري وڪيل رئيس نواب خان مري چيو ته سنڌ مري اتحاد سنڌ جي ٻين برادرين سان گڏجي ڪري برداري جي خدمت ڪرڻ چاهي ٿي۔ ان سان گڏ جتي به برادري جا جهيڙا هلندڙ آهن انهن کي ختم ڪري امن پسند سنڌ چاهيون ٿا۔ برادري جي خدمت لاء پڙهيل لکيل نوجوانن کي اڳتي اچڻو پوندو۔ استاد رحم حسين مري چيو ته سنڌ جي جدوجهد ۾ اسان جي وڏن جو خون شامل آهي جنهن جو ورهاڱو براشت ناهي۔ ان موقعي تي رئيس مهراڻ خان مري۔ ايڊووڪيٽ مسلم خان مري استاد لطف علي مري رئيس غلام حيدر مري دين محمد مري رئيس عبدالرحيم مري رئيس پٺاڻ خان مري رئيس عبدالحميد مري مجن خان مري غلام قمبر مري استاد زاهد مري استاد عبدالمالڪ مري غليم حسين مري سجاد مري اشفاق احمد مري غلام باقر مري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو۔
سنڌ جي ورهاڱي ۽ وحدانيت تي پهرين به ڪيترائي حملا ٿي چڪا آهن ،ايڊووڪيٽ عبدالحسين مري
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
