لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان) لاڙڪاڻي ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊٽس فيڊريشن مرڪز جي سڏ تي جساف ضلعي طرفان ڪراچي يونيورسٽي پاران بي ايس پروگرام جي داخلا لاءِ جوڙيل ڪي ايس پي پاليسي ۽ جاري ڪيل داخلا لسٽن توڙي مختلف يونيورسٽين ۾ سنڌي شاگردن سان ٿيندڙ زيادتين خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو جتي هنن هٿن ۾ تنظيمي جهنڊا کڻي نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي جساف جي مرڪزي صدر اشرف ڪلهوڙو، بشير جتوئي، فدا حسين پنهور، لطيف ڪوري، فراز کهاوڙ، امان الله پنهور، راحب سومرو، زوهيب سومرو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هنن چيو ته محمد علي جناح يونيورسٽي ڪراچي ڪراچي انتظاميا تعصب جي بنياد تي سنڌي شاگردن تي گذريل 6 مھينن کان ناانصافيون ڪندي 7 شاگردن جي داخلا معطل ڪري ڇڏي آهي، ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن نويد اختر مڪمل طور تعليم دشمن فيصلا ڪندي سنڌي شاگردن جي تعليم ۾ رستا روڪ ڪري رھيو آھي ته ٻئي طرف شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي نوابشاهه ۾ 31 شاگردن جي داخلا رد ڪئي وئي آھي جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هنن چيو ته ڪراچي يونيورسٽي جي موجوده داخلا پاليسي ۾ سنڌ جي سمورن ڊويزنن ۽ ضلعن سان تعلق رکندڙ سنڌي شاگردن جي تعليمي حقن کي متاثر ڪيو ويو آهي. قانون جي شعبي سميت مختلف شعبن ۾ ڪي ايس پي پاليسي جي طريقيڪار سبب سنڌ جي مختلف ضلعن جي شاگردن لاءِ داخلا جا موقعا بند ٿي چڪا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي متاثر شاگرد داخلا کان محروم رهجي ويا آهن. هنن چيو ته ڪراچي يونيورسٽي جي اڌ کان وڌيڪ شعبن ۾ ڪي ايس پي پاليسي کي لاڳو ڪري سنڌ جي ٻين ضلعن جي شاگردن جي حق محرومي ڪري سنڌي شاگردن سان ويساھ گھاتي ڪئي وڃي ٿي، يونيورسٽي جا شاگرد مسلسل وي سي آفيس سامھون احتجاج تي ويٺل آھن، جن کي حراسان ڪيو ٿو وڃي. هنن چيو ته اهڙي قسم جي انتظامي پاليسين مان اهو تاثر پيدا ٿئي ٿو ته ڄڻ ڪراچي کي سنڌ جي ٻين ضلعن کان الڳ سمجهي، سنڌ جي باقي ضلعن جي شاگردن سان تعليمي موقعن ۾ فرق ڪيو پيو وڃي، ڪراچي سنڌ جو دل آهي ۽ سنڌ جي هر ضلعي جي شاگرد کي ڪراچي جهڙي وڏي انٽرنيشنل شهر جي تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو برابر حق حاصل آهي. ڪراچي يونيورسٽي سنڌ جي سمورن شاگردن جو تعليمي ادارو آهي، ڪنهن مخصوص علائقي تائين محدود ادارو ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڪي ايس پي داخلا پاليسي، تعليمي ادارن ۾ سهولتن جي اڻهوند، سائنس مٽيريل جي کوٽ کي ختم ڪري جاري ڪيل داخلا لسٽن تي نظرثاني ڪئي وڃي ۽ متاثر شاگردن جي داخلا کي عمل ۾ آندو وڃي، اهڙي پاليسي جو خاتمو ڪيو وڃي جنهن سان سنڌ جي شاگردن ۾ علائقائي ورهاست ۽ محروميءَ جو احساس پيدا ڪري.
لاڙڪاڻي ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊٽس فيڊريشن مرڪز جي سڏ تي جساف ضلعي طرفان ڪراچي يونيورسٽي پاران بي ايس پروگرام جي داخلا لاءِ جوڙيل ڪي ايس پي پاليسي ۽ جاري ڪيل داخلا لسٽن توڙي مختلف يونيورسٽين ۾ سنڌي شاگردن سان ٿيندڙ زيادتين خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
