ڪراچي(رپورٽ ذوالفقار علي)چيئرمين ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن منگھوپير حاجي نواز علي بروهي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي آفيس جو افتتاح ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڪراچي ڊسٽرڪٽ ويسٽ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر علي مرتضيٰ سومرو، وائيس چيئرمين يونين ڪميٽي 6 نور محمد چنه، ليڊيز ونگ جي نمائندن ۽ ٻين لاڳاپيل شخصيتن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي چيئرمين حاجي نواز علي بروهي آفيس جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ مستحق عورتن لاءِ فراهم ڪيل سهولتن، انتظامي معاملن ۽ ٻين ضروري انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو. هن آفيس ۾ ڪيل انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ان موقعي تي دعا پڻ گهري.آفيس ۾ عورتن جي عزت، وقار ۽ سهولت کي خاص اهميت ڏيندي پردي جو باقاعده ۽ مناسب انتظام ڪيو ويو آهي، ته جيئن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان فائدو حاصل ڪندڙ عورتن کي پنهنجا ضروري معاملا سرانجام ڏيڻ لاءِ محفوظ، باوقار ۽ سازگار ماحول فراهم ٿي سگهي. عورتن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ڪيل اهي انتظام کين بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ سندن مشڪلاتن ۾ گهٽتائي آڻڻ طرف هڪ اهم قدم آهن.بينظير انڪم سپورٽ پروگرام حڪومت پاڪستان جو هڪ اهم سماجي تحفظ ۽ فلاحي منصوبو آهي، جنهن جو مقصد معاشري جي مستحق ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن کي مالي مدد فراهم ڪري معاشي مشڪلاتن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ آهي. عورتن کي سڌي ريت مالي سهائتا فراهم ڪرڻ ذريعي کين معاشي طور مضبوط بڻائڻ، خودمختياري کي هٿي ڏيڻ ۽ خاندانن جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي وڃي ٿي. هن پروگرام تحت مستحق عورتن کي عزت ۽ احترام سان سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ انهن تائين رسائي آسان بڻائڻ انتهائي اهميت رکي ٿو.ان موقعي تي پروگرام سان لاڳاپيل انتظامي معاملن ۽ سهولتن ۾ بهتري کي پڻ اهم قرار ڏنو ويو، ته جيئن مستحق عورتن کي بروقت رهنمائي، بهتر ماحول ۽ ضروري خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي.
