لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) عشق و محبت جي عظيم مرڪز ڪربلا معلي جي پاڪيزه سرزمين تي لازوال قرباني ڏيندڙ حضرت سيدنا مولا امام حسين عليہ السلام جي عظمت کي لک ڪروڙ سلام، جنهن عظيم هستي نواسي رسول اسلام کي زندهه ڪرڻ لاءِ تاريخ جي وڏي ۾ وڏي قرباني ڏني، اسان جو روحاني سفر ڪربلا، نجف اشرف، بغداد شريف قلبي روحاني سڪون جو عظيم سفر رهيو، متبرڪ مقدس زيارات ۽ ڪاملين صالحين جي صحبت حقيقي معني رب العالمين طرفان مليل تحفه آهن، مبارڪ آهي انهن عظيم انسانن کي جيڪي هن فتني ۽ فساد ۽ نفسا نفسي واري دور ۾ الله پاڪ جي رضا و خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ روحاني عشق و محبت جا سفر اختيار ڪن ٿا، اهڙيون ڳالهيون سنڌ جي ناليواري مشهور درگاهه حضرت مشوري شريف رح جي صاحبزاده ميان منير احمد مشوري المعروف قرب ڌڻي ڪربلا پاڪ جي زيارت ڪرڻ واپسي بعد مبارڪ باد ڏيندڙن سان ملاقات ڪندي ڪيون، انهي موقعي تي صاحبزاده ميان عبيدالله مشوري، پڻ موجود هئا ۽ لاڙڪاڻو شهر جي ناليواري رائيٽر ۽ ڪالم نگار عبداالفتاح عباسي، جمعيت علماء پاڪستان جي صوبائي اڳواڻ ناليوارو عالم دين مولانا منظور علي نعيمي، لاڙڪاڻو شهري اتحاد اڳواڻ شيخ عبدالعزيز قاسمي ۽ ٻين گلن جا هار پارائي کوڙ ساريون مبارڪون ڏيندي شاندار استقبال ڪيو، پير سائين ميان منير احمد مشوري ڳالهائيندي چيو ته الله پاڪ جي رضا ۽ خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ درود پاڪ پڙهيو وڃي ۽ درود شريف صلوات پڙهڻ سان الله پاڪ جو قرب رضامندو ملي ٿو ۽ دنيا ۽ آخرت ۾ انسان سرخرو ۽ ڪامياب ٿئي ٿو. مومن مسلمان وڏو خوش نصيب انهي حوالي سان آهي جو انهي کي بار بار پاڪيزه ۽ مقدس خانه ڪعبه، روضه رسول الله صلي الله عليه وسلم، نجف اشرف، ڪربلا معلي، بغداد شریف ۽ ٻيون نعمتون حاصل ٿين ٿيون. انهي موقعي تي سنڌ جي عظيم روحاني خانقاهه حضرت مشوري شريف رح جي صاحبزاده پير ميان منير احمد مشوري المعروف قرب ڌڻي سائين جن سنڌ ڌرتيءَ جي جياپي سلامتي، وحدت لاءِ ۽ ملڪ پاڪستان سميت عالم انسانيت جي خير ڀلائي امن سلامتي لاءِ خاص ڪري فلسطين غزه جي مظلوم ماڻهن جي الله پاڪ طرفان غيبي مدد لاءِ التجائون دعائون گهريون ويون.
