سکر: راجپوت اتحاد برادري آل پاڪستان پاران 14 آگسٽ، جشنِ آزادي جي موقعي تي باغ حيات علي شاهه راجا مارڪيٽ سکر ۾ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪستان جي آزادي جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو.
تقريب جي صدارت راجپوت اتحاد برادري جي صدر سهيل راجپوت ڪئي، جڏهن ته برادري جي عهديدارن، ميمبرن، بزرگن، نوجوانن ۽ ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن پاڪستان زنده باد، راجپوت اتحاد برادري پاڪستان زنده باد ۽ پاڪ فوج زنده باد جا نعرا هنيا.
تقريب کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته 14 آگسٽ اسان کي پنهنجي بزرگن جي لازوال قربانين جي ياد ڏياري ٿو. ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ قوم کي متحد ٿي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. راجپوت برادري هميشه ملڪ ۽ قوم جي خدمت لاءِ اڳڀري رهي آهي ۽ مستقبل ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.
تقريب جي آخر ۾ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي، راجپوت برادري جي اتحاد ۽ برادري جي بزرگن لاءِ خاص دعا گهري وئي.
