لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان) هاءِ ويز ايمپلائيز يونين سي بي اي سنڌ جي اڳواڻن جي ڊائريڪٽر جنرل ليبر سنڌ ۽ رجسٽرار آف ٽريڊ يونينز سنڌ نظير احمد سومرو سان ملاقات مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ. ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن هاءِ ويز ايمپلائيز يونين سي بي اي سنڌ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري غلام قادر اهير، وطن دوست ليبر ايمپلائيز فيڊريشن سنڌ جي صدر الطاف حسين ملگاڻي، شيراز احمد اهير ۽ ٻين عهديدارن طرفان ڊائريڪٽر جنرل ليبر سنڌ نظير احمد سومرو سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪري مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل ليبر سنڌ پاران سي بي اي سنڌ جي وفد کي ملازمن جي جائز مسئلن سميت ٻين معاملن جي حل لاءِ يقين ڏياريندي چيو ته اسان هاءِ ويز ڊپارٽمينٽ جي ملازمن جا مسئلا حل ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين.
