بدين( ڊ ر محفوظ شاه )بدين جميل احمد ولد حاجي عبدالغني ميمڻ جي نيشنل پريس ڪلب بدين تي پريس ڪانفرنس ، هن پريس ڪانفرنس جي ذريعي عرض ٿو ڪريان ته منهنجي ناني حاجي محمد هارون ميمڻ جي رائس مل جنھن ۾ سندس 8 آنه ۽ 4 آنه منهنجي والد حاجي عبدالغنيءَ جا ۽ 4 آنه ڀيرومل جي نالي تي آهن جن مان منهنجي والد پنھنجي حصي جو اڌ 2 آنه شوڪت ميمڻ وڪرو ڪري ڏنا هئا، جو هن وقت معلوم ٿيو آهي ته شوڪت ميمڻ ۽ منهنجو مامون شاهد ولد حاجي هارون ميمڻ سڄي ڪارخاني کي اسان جي ۽ ڀيرومل جي اجازت کانسواءِ ڏاڊ مڙسي ڪري دڪانداري ۽ جعلسازيءَ ۾ آفيسرن تي اثر رسوخ استعمال ڪري ڪروڙين روپين جو وڪرو ڪري فراڊ ڪري رهيا آهن، جيئن ته حاجي هارون ميمڻ جي نياڻين جي مهنجي ماءُ ماسيءَ جا به حصا آهن، جن کان اجازت نه ورتي وئي آهي جن پڻ درخواستون مختيارڪار صاحب بدين کي ڏنيون آهن، ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته شاهد ۽ شوڪت ميمڻ جيڪو پنھنجو انتظاميه تي اثر رسوخ استعمال ڪري آسان جي گڏيل ملڪيت جا ڪوڙا ڪاغذ ۽ سيل سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري رهيا آهن، جيڪي غير قانوني فراڊتي مبني آهن، ان سلسلي ۾ مون اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار صاحب بدين کي پڻ درخواستون ڏنيون آهن، ان کانسوا۽ ڀيرومل جو حصو پڻ وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ان لاءِ ڊپٽي ڪمشنر صاحبه بدين کي عرض آهي ته ڄاڻايل ماڻهن جي فراڊ ۽ جعلسازي خلاف نوٽس ورتو وڃي ڪوڙا رکيل کاتا ڪينسل ڪيا وڃن ته جيئن حقدارن کي انصاف ملي سڳھي
اسان ھر عام خاص لا۽ پڻ پدرو ٿا ڪريون ته ھو ڄاڻايل ماڻھن سان اسان جي گڏيل ملڪيت ڪارخانو زمين چوپايو مال جو ڪو به سودو وغيره نه ڪن ٻي صورت ۾ ٿينڌڙ نقصان جا ھو پاڻ زميوار ھوندا
بدين جميل احمد ولد حاجي عبدالغني ميمڻ جي نيشنل پريس ڪلب بدين تي پريس ڪانفرنس ،
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
