کپرو (رپورٽ غلام محمد مري) گورمنٽ ھايئر سيڪنڊري اسڪول ڪيمپس کاھي طرفان اسڪول ۾ سايئنسي ميلو لڳايو ويو ٻارن پاران مختلف ماڊل ٺاھيا ويا تفصيل موجب کاھي جي ھايئر سيڪنڊري ڪيمپس اسڪول طرفان ٻارن جي ٽيلنٽ کي اجاگر ڪرڻ لاء اسثريم پروجيڪٽ ڊيموٽريشن سايئنسي ميلو لڳايو ويو ٻارن پاران مختلف سايئنسي شين جا ماڊل تيار ڪري پيش ڪيا ويا شھرين ۽ والدين جي شرڪت اھڙي سرگرمي ڪرڻ تي ڪيمپس اسڪول جي ھيڊ ماسٽر نياز محمد مڱريو جي ڪاوشن کي ساراھيو ويو جڏهن ته مختلف اسڪولن جي ٻارن ۽ استادن پاران پڻ شرڪت ڪئي ويئي جن ۾ آيئڊل پبلڪ اسڪول کاھي شاهه عبداللطيف پبلڪ اسڪول کاھي حمزو پنھور گورمنٽ اسڪول کاھي گورمنٽ گرلس اسڪول پرايئمري کاھي ۽ شاگردن جي والدين شھرين ۽ صحافين جي شرڪت اسڪول ڪيمپس کاھي جي ھيڊ ماستر نياز محمد مڱريو جو چوڻ ھو ته اھڙي تعليم سايئنسي ميلن سان ٻارن ۾ حوصلا افزايئي پيدا ٿئي ٿي ٻارن کي سکڻ سمجهڻ جو موقعو ملي ٿو جڏهن ته اسان اڳ ۾ به اھڙا پروگرام ڪندا رھندا آھيون جن سان ٻارن جو حوصلو وڌي ٿو ٻي پاسي آيل مھمانن پاران سائنسي ميلي کي ساراھيو ويو سايئنسي ميلي ۾ فرڪس ڪيمسٽري ۽ ٻين شين جا مختلف ماڊل ٻارن پاران ٺاھي پيش ڪيا ويا
گورمنٽ ھايئر سيڪنڊري اسڪول ڪيمپس کاھي طرفان اسڪول ۾ سايئنسي ميلو لڳايو ويو ٻارن پاران مختلف ماڊل ٺاھيا ويا
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
