• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: ڀينرن جي آزادي کانپوءِ پردي پٺيان وارا رابطا تيز، بشريٰ بي بي کي رليف تي غور، 2 بنيادي معاملن تي ڳالهين جي گنجائش ناهي!
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

ڀينرن جي آزادي کانپوءِ پردي پٺيان وارا رابطا تيز، بشريٰ بي بي کي رليف تي غور، 2 بنيادي معاملن تي ڳالهين جي گنجائش ناهي!

admin
Last updated: November 15, 2026 7:10 am
admin
Share
SHARE

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ ۽ اختيارين وچ ۾ پردي پٺيان رابطن جو سلسلو جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ تازو عمران خان جون 2 ڀينرون آزاد ٿيون آهن، جڏهن ته اهي رابطا هڪ واضح طور مقرر ڪيل دائري اندر اڳتي وڌي سگهن ٿا. ذريعن موجب عمران خان ۽ خيبر پختونخوا ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت بابت 2 اهم سياسي معاملن تي عملي طور ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي.

پردي پٺيان رابطن کان واقف ذريعن جو چوڻ آهي ته هن مرحلي تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان لاءِ ڪنهن به رليف يا خيبر پختونخوا جي هاڻوڪي سياسي انتظام ۾ تبديلي بابت ڳالهين جي گنجائش ناهي. ان جو مطلب اهو به آهي ته سهيل آفريدي جي ٻيهر وڏي وزير بڻجڻ بابت ڪنهن تجويز تي غور نه پيو ڪيو وڃي.

ذريعن ٻڌايو ته عمران خان جي ڀينرن جي رابطن ۾ شامل ٿيڻ سان ڳالهين لاءِ هڪ نئون رستو ضرور کليو آهي، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته اختيارين انهن ٻنهي معاملن تي پنهنجي موقف تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ تيار آهن. تنهن ڪري انهن رابطن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ ڪنهن به ٺاهه کي انهن حدن اندر رهڻو پوندو، جن ۾ عمران خان جي سياسي ۽ قانوني حيثيت يا خيبر پختونخوا جي صوبائي حڪومت کي ڇيڙڻ کانسواءِ ڳالهه ٻولهه ممڪن هجي. جڏهن ته بشريٰ بي بي بابت صورتحال مختلف آهي.

ذريعن موجب جاري رابطن دوران بشريٰ بي بي جي ڪيس ۽ کيس ممڪن رليف ڏيڻ بابت قدمن تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي. غور هيٺ آڻي سگهجندڙ هڪ امڪان اهو به آهي ته بشريٰ بي بي کي بني گالا منتقل ڪيو وڃي. جڏهن خاص طور تي پڇيو ويو ته ڇا عمران خان کي پڻ بني گالا منتقل ڪري سگهجي ٿو، ته پردي پٺيان رابطن کان واقف ذريعن اهو امڪان رد ڪندي واضح ڪيو ته گهٽ ۾ گهٽ هن وقت اهڙي ڪنهن تجويز تي غور نه پيو ڪيو وڃي.

هڪ ذريعي بشريٰ بي بي جي معاملي کي عمران خان جي معاملي کان الڳ قرار ڏيندي چيو ته گهٽ ۾ گهٽ هن مرحلي تي عمران خان لاءِ اهڙو ڪو امڪان موجود ناهي. پردي پٺيان ٿيندڙ رابطن ۾ عمران خان جي خاندان جي تازو شامل ٿيڻ کي پي ٽي آءِ ۽ اختيرين وچ ۾ اڳ ئي ڇڪتاڻ واري لاڳاپن ۾ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان جي ڀينرن خاطري ڪرائي آهي ته اهي اهڙين سياسي سرگرمين کان پاسو ڪنديون، جيڪي ڇڪتاڻ وڌائڻ جو سبب بڻجن، ۽ فوجي قيادت يا اسٽيبلشمينٽ کي تنقيد جو نشانو نه بڻائينديون.

ذريعن موجب ٺاهه اهو ٿيو آهي ته اهي محاذ آرائي کي هٿي نه ڏينديون ۽ پنهنجي حيثيت کي صورتحال وڌيڪ ڇڪتاڻ واري بڻائڻ لاءِ استعمال نه ڪنديون. هن اڳڀرائي سان خانداني معاملن ۽ ڪجهه ٻين محدود معاملن بابت رابطن جي گنجائش پيدا ٿي آهي، پر ان سان 2 بنيادي سياسي معاملن تي اختيارين جي موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي.

تنهن ڪري، هن وقت پردي پٺيان رابطن جو سلسلو عمران خان جي صورتحال يا خيبر پختونخوا جي سياسي انتظام ۾ ڪنهن تبديلي بابت ڳالهين بدران، ممڪن ٺاهه لاءِ محدود معاملن جي ڳولا تي، خاص طور تي بشريٰ بي بي سان لاڳاپيل معاملي تي، مرڪوز نظر اچي ٿو.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article گورمنٽ  ھايئر سيڪنڊري  اسڪول ڪيمپس کاھي طرفان اسڪول ۾ سايئنسي ميلو لڳايو ويو ٻارن پاران مختلف ماڊل ٺاھيا ويا
Next Article يروشلم ۾ مسجد اقصيٰ ڀرسان حضرت عيسيٰ جي دور جا 2 هزار سال پراڻا مذهبي غسل خانا دريافت
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

صدر نديم احمد صديقي، سينيئر نائب صدر محمدفهد ميان ۽ نائب صدر عرفان عاربياني سان ملاقاتڪئي ۽ کين نئين ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪبادپيش ڪئي

حيدرآباد ( محبوب حسين بزدار)ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر حيدرآباد پير غلام…

November 25, 2026

صدر نديم احمد صديقي، سينيئر نائب صدر محمدفهد ميان ۽ نائب صدر عرفان عاربياني سان ملاقاتڪئي ۽ کين نئين ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪبادپيش ڪئي

حيدرآباد ( محبوب حسين بزدار)ڊسٽرڪٽ هيلٿ…

November 25, 2026

بورڊ آف روينيو جي مختلف سيڪشن جوڪم بند ڪنديمک گيٽ اڏوملازمن علامتي بک هڙتال شروع ڪري ڏني

حيدرآباد (محبوب حسين بزدار )بورڊ آف…

November 25, 2026

ٻارن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن کي سماج جو ذميوار شهري بڻائڻ لاءِ سرڪاري ادارن، والدين ۽ سماجي تنظيمن کي گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي

مٽياري(رپورٽ زبيراحمدڪلھوڙو)ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد دانش…

November 25, 2026

سيکاٽ کان حاجي خير محمد سمون ڪوٽ تائين لنڪ روڊ جي مرمت جو ڪم شروع ٿي ويو آهي

مٽياري (رپورٽ زبيراحمدڪلھوڙو)سيکاٽ کان حاجي خير…

November 25, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

ٽنڊوڄام شهر ۾ دڪانن جي حد کان ٻاهر تجاوزات، ٽريفڪ جام معمول بڻجي ويو، پيدل هلندڙ شهرين کي سخت تڪليف

ٽنڊوڄام (محبوب حسين بوزدار) ٽنڊوڄام شهر ۾ دڪانن جي حد کان ٻاهر غيرقانوني تجاوزات سبب پيدل هلندڙ شهرين کي سخت…

3 Min Read
پاڪستان

جيڪب آباد: جمعيت علماءِ اسلام يو سي مبارڪپور جي مجلسِ شوريٰ جو اهم اجلاس، ڪيترائي اهم فيصلا

جيڪب آباد(رپورٽ عامرجان) جمعيت علماءِ اسلام يو سي مبارڪپور جي مجلسِ شوريٰ ۽ عامله جو اهم اجلاس اميرِ جمعيت يو…

2 Min Read
پاڪستان

ضلعي انتظاميه خاص ماڻهن جي ڀلائي ۽ بهبود لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ اها ڪوشش آهي ته کين ملازمتن ۾ بنا ڪنهن فرق جي سندن جائز حق فراهم ڪيا وڃن.سانگهڙ  ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ساره جاويد

سنڌ، سانگهڙ، رپورٽ غلام رسول ناريجوخصوصي ماڻهن جي هر ممڪن ڀلائي لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهيون.ڊپٽي ڪمشنر ساره جاويدسانگهڙ ڊپٽي…

2 Min Read
پاڪستان

ڪنهن کي ڪهڙا تحفا مليا؟ توشه خانه جو وڌيڪ رڪارڊ سامهون اچي ويو

اسلام آباد: ڪنهن کي ڪهڙا تحفا مليا؟ توشه خانه جو وڌيڪ رڪارڊ منظرِ عام تي اچي ويو آهي۔ ڪابينا ڊويزن…

3 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?