لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي سينئر صحافي شاھ محمد لاشاري سان سندس ڀيڻ جي وفات تي قلم ڌڻين طرفان تعزيت ڪئي وئي. ان ڏس ۾ ڪالھ لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صدر عبدالقادر جاگيراڻي، خزانچي ظهير ابڙو سميت سينئر صحافي خان راجا مگسي، محمد ادريس بلوچ، علي گراماڻي، نصير محمد کهاوڙ، شبير مغيري، علي گل ڏيٿو، محسن گل پٺاڻ، نويد سومرو، مومن ڪنگو، مشتاق احمد کهڙو، مسعود ابڙو، مدثر لاشاري ۽ ٻين طرفان صحافي شاھ محمد لاشاري سان سندس ڀيڻ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪري گهري ڏک جو اظهار ڪيو ويو. ان موقعي تي صحافين پاران مرحومه جي مغفرت لاءِ دعا پڻ گهري وئي.
