ٽنڊوڄام (محبوب حسين بوزدار) ٽنڊوڄام شهر ۾ دڪانن جي حد کان ٻاهر غيرقانوني تجاوزات سبب پيدل هلندڙ شهرين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته ٽريفڪ جام رهڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي. ميونسپل انتظاميا پاران مبينا طور 30 رپيا پرچي جي مد ۾ وصول ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته ڪجهه دڪاندار دڪانن اڳيان ريڙها بيهارڻ جي اجازت ڏيڻ عيوض مبينا طور رقم وصول ڪري رهيا آهن.ٽنڊوڄام جي مين ورڪشاپ اسٽاپ، نوان هٽ بازار، پاڪستاني چوڪ ،ريلوي ڦاٽڪ جي ڀرپاسي، پوسٽ آفيس روڊ سميت شهر جي مختلف مصروف علائقن ۾ دڪاندارن پاران دڪانن جي حد کان ٻاهر سامان رکڻ ۽ ريڙها بيهارڻ سبب شهرين لاءِ پريشانيون وڌي ويون آهن.شهرين جو چوڻ آهي ته ميونسپل انتظاميا جي مبينا لاپرواهي ۽ غفلت سبب شهر جي ڪيترن ئي دڪاندارن پاران دڪانن جي حد کان ٻاهر سامان رکڻ جو سلسلو جاري آهي. ڪيترن ئي دڪاندارن مبينا طور دڪانن اڳيان ريڙها بيهاري انهن کان هزارين رپيا وصول ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.شهرين موجب، ميونسپل ڪارپوريشن تجاوزات ختم ڪرائڻ ۽ شهر کي صاف سٿرو رکڻ بدران مبينا طور 30 رپيا پرچي وصول ڪرڻ تائين محدود آهي، جنهن سبب ٽريفڪ جام رهڻ معمول بڻجي ويو آهي ۽ پيدل هلندڙ ماڻهن جون ڏکيائيون وڌي ويون آهن.
شھرين جو وڌيڪ چوڻ ھو ته شهر ۾ ڪو به پڇڻ وارو نظر نٿو اچي، جڏهن ته ڪيترن ئي دڪاندارن پنهنجو اڌ سامان روڊن تي رکيو آهي. دڪانن اڳيان بيٺل ريڙها پيدل هلندڙ ماڻهن لاءِ عذاب بڻجي ويا آهن. ٽريفڪ جي بندش سبب اسپتالن ڏانهن ويندڙ مريضن کي کڻي ويندڙ ايمبولينسون به جام ۾ ڦاسي وڃن ٿيون، جڏهن ته شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اسڪولن ۽ ڪاليجن ڏانهن اچڻ وڃڻ ۾ سخت ڏکيائين کي منھن ڏيڻو پوي ٿو.
شهرين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ميونسپل انتظاميا تجاوزات خلاف ڪارروائي جي نالي تي رڳو فوٽو سيشن تائين محدود آهي، جڏهن ته عملي طور شهر مان غيرقانوني تجاوزات ختم ڪرائڻ لاءِ ڪي به اثرائتا قدم نظر نٿا اچن.شهرين اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقو حيدرآباد رورل گوهر مسرور ميمڻ، ٽائون انتظاميا ۽ ميونسپل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ٽنڊوڄام شهر ۾ وڌندڙ تجاوزات جو فوري نوٽيس وٺي، دڪانن جي حد کان ٻاهر سامان رکڻ ۽ ريڙها بيهارڻ خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، شهر ۾ ٽريفڪ جي رواني بحال ڪرڻ لاءِ مثبت ۽ اثرائتا انتظام ڪيا وڃن، ۽ دڪانن اڳيان ريڙها بيهارڻ عيوض مبينا طور رقم وصول ڪندڙ دڪاندارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، جيئن شهرين کي درپيش مسئلن مان نجات ملي سگهي.
ٽنڊوڄام شهر ۾ دڪانن جي حد کان ٻاهر تجاوزات، ٽريفڪ جام معمول بڻجي ويو، پيدل هلندڙ شهرين کي سخت تڪليف
What’s your Reaction?
+1
1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
