سکر(رپورٽ احمد علي)پيٽرول سستو، ڀاڙو پراڻو، وڌيڪ ڪرايو وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائي، مسافرن کي هزارين رپيا واپس
سکر: پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي باوجود مسافرن کان پراڻا ۽ وڌيڪ ڀاڙا وصول ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف سکر ۾ ٽرانسپورٽ کاتي پاران ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن، مختلف ڪوچن ۽ وينن تي اوچتا ڇاپا هڻي ٽرانسپورٽرن تي ڏنڊ لاڳو ڪيا ويا، جڏهن ته مسافرن کان وصول ڪيل اضافي ڀاڙو واپس ڪرايو ويو.صوبائي وزير ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سنڌ اسد ضامن، ڪمشنر سکر ڊويزن عابد سليم قريشي ۽ ڊپٽي ڪمشنر سکر نادر شهزاد خان جي هدايتن تي آر ٽي اي سيڪريٽري فياض حسين منگي جي اڳواڻي ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جي عملي مختلف هنڌن تي ڪوچن ۽ وينن جي چڪاس ڪئي.ڪارروائي دوران مسافرن کان ڀاڙن بابت معلومات ورتي وئي، جنهن بعد وڌيڪ ڪرايو وصول ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڏنڊ لاڳو ڪيا ويا ۽ مسافرن کي موقعي تي ئي هزارين رپيا اضافي وصول ڪيل ڀاڙو واپس ڪرايو ويو.ان موقعي تي آر ٽي اي سيڪريٽري فياض حسين منگي چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي باوجود مسافرن کان پراڻا ڀاڙا وصول ڪرڻ جون شڪايتون ملي رهيون هيون، جنهن تي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.هن چيو ته هينئر تائين سوين مسافرن کي اضافي وصول ڪيل ڀاڙو واپس ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ٽرانسپورٽرن تي ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيا ويا آهن.فياض حسين منگي وڌيڪ چيو ته ٽرانسپورٽرن کي پنهنجي مرضيءَ جا ڀاڙا وصول ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. عوام کي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڪراين ۾ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ اهڙيون ڪارروايون جاري رهنديون.
سکر: پيٽرول سستو، ڀاڙو پراڻو، وڌيڪ ڪرايو وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائي، مسافرن کي هزارين رپيا واپس
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
