• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: بدين  ۾ پاڪستان فشر فوڪ جي ريلي، ڪوئلي، تيل ۽ گئس جي نون منصوبن تي پابندي، موسمياتي انصاف ۽ مهاڻن جي روزگار جي تحفظ جو مطالبو
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

بدين  ۾ پاڪستان فشر فوڪ جي ريلي، ڪوئلي، تيل ۽ گئس جي نون منصوبن تي پابندي، موسمياتي انصاف ۽ مهاڻن جي روزگار جي تحفظ جو مطالبو

admin
Last updated: November 15, 2026 8:27 am
admin
Share
SHARE

بدين( ڊ ر اويس  شاه )بدين  ۾ پاڪستان فشر فوڪ جي ريلي، ڪوئلي، تيل ۽ گئس جي نون منصوبن تي پابندي، موسمياتي انصاف ۽ مهاڻن جي روزگار جي تحفظ جو مطالبوپاڪستان فشر فوڪ جي صدر ايم سومار ملاح سڏ تي محمد اسلم ملاح، ساجن شيخ، خالق ڏنو ملاح، علي محمد ملاح، سوشل ورڪر اتحاد بدين جو صدر عبدالواجد سمون، غلام حيدر بڪاري، سماجي اڳواڻ روشن علي قاضي، شاھ سلطان عباسي، زين شاھ، علڻ ملاح، شھزاد علي ملاح، الھڏنو ملاح،نياز ملاح ۽ ٻين موسمياتي تبديليءَ خلاف جدوجهد ڪندڙ ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن وڏي انگ ۾ بدين شاھنواز چوڪ کان نيشنل پريس ڪلب تائين  ريلي ڪڍي، جنهن ۾ ڪوئلي، تيل ۽ گئس جي نون منصوبن ۽ واڌ کي فوري طور بند ڪرڻ، قابلِ تجديد توانائيءَ ڏانهن منصفاڻي منتقلي، موسمياتي انصاف فراهم ڪرڻ ۽ متاثر برادرين جي روزگار، زمينن، پاڻي ۽ قدرتي وسيلن جي تحفظ جو مطالبو ڪيو ويو.14 نومبر تي موسمياتي انصاف لاءِ عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪڍيل ريلي ذريعي ترڪي جي شهر انتاليا ۾ جاري عالمي موسمياتي ڪانفرنس COP31 ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن کي پيغام ڏنو ويو ته فوسل فيولز جي استعمال ۽ واڌ کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن ۽ موسمياتي تبديليءَ جي تباهڪار اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ متاثر ملڪن ۽ برادرين کي مناسب مالي سهڪار فراهم ڪيو وڃي.ريلي جي شرڪت ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ڪوئلي جي نين کاڻين، تيل ۽ گئس جي ڳولا، نون لائسنسن، اجازتن ۽ انفراسٽرڪچر جي منصوبن کي روڪيو وڃي، جڏهن ته فوسل فيولز جي صنعت کي سرڪاري ۽ خانگي مالي سهڪار ڏيڻ بند ڪيو وڃي. موجوده ڪوئلي، تيل ۽ گئس جي منصوبن کي عالمي گرمي پد ۾ واڌ 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محدود رکڻ واري هدف کي نظر ۾ رکندي مرحليوار ختم ڪري 2050ع تائين صفر اخراج جو هدف حاصل ڪيو وڃي.مظاهرين زور ڏنو ته 100 سيڪڙو قابلِ تجديد توانائيءَ ڏانهن منصفاڻي منتقلي يقيني بڻائي هر ماڻهوءَ کي سستي، قابلِ اعتماد ۽ آسان رسائيءَ واري توانائي فراهم ڪئي وڃي. توانائيءَ جي مقامي ۽ عوامي ملڪيت وارن نظامن کي هٿي ڏني وڃي ۽ مقامي برادرين جي زمينن، ثقافت، روزگار ۽ بنيادي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي.هنن مطالبو ڪيو ته موسمياتي تبديليءَ کان متاثر گلوبل سائوٿ جي ملڪن ۽ برادرين کي گرانٽ جي صورت ۾ مناسب مالي سهڪار ڏنو وڃي، جڏهن ته فوسل فيولز ڪمپنين کان موسمياتي تبديليءَ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ تباهين جو ازالو ڪرايو وڃي. متاثر علائقن، ماحولياتي نظامن ۽ روزگار جي ذريعن جي بحاليءَ لاءِ به فنڊ فراهم ڪيا وڃن.ريلي ۾ موسمياتي تبديليءَ جي نالي تي ڪاربن مارڪيٽ، ڪاربن آفسيٽس، ڪاربن ڪيپچر اينڊ اسٽوريج، جيو انجنيئرنگ، وڏن ڊيمن ۽ ماحولياتي نظامن کي نقصان پهچائيندڙ منصوبن کي غلط حل قرار ڏيندي انهن جي حوصلا افزائي ۽ مالي مدد بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ان سان گڏ زمين، پاڻي ۽ خوراڪ جي وسيلن تي ناجائز منافعي خوري روڪي مقامي برادرين جي خوراڪ جي خودمختياري ۽ پائيدار روزگار کي تحفظ ڏيڻ تي زور ڏنو ويو.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article سکر: پيٽرول سستو، ڀاڙو پراڻو، وڌيڪ ڪرايو وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائي، مسافرن کي هزارين رپيا واپس
Next Article شڪارپور: ٿاڻي اسٽورٽ جي حدن ۾ شر لاڙو واري علائقي ۾ گشت دوران پوليس ڏوهن جي ارادي سان بيٺل ڌاڙيلن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائي ڇڏيا
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

صدر نديم احمد صديقي، سينيئر نائب صدر محمدفهد ميان ۽ نائب صدر عرفان عاربياني سان ملاقاتڪئي ۽ کين نئين ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪبادپيش ڪئي

حيدرآباد ( محبوب حسين بزدار)ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر حيدرآباد پير غلام…

November 25, 2026

صدر نديم احمد صديقي، سينيئر نائب صدر محمدفهد ميان ۽ نائب صدر عرفان عاربياني سان ملاقاتڪئي ۽ کين نئين ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪبادپيش ڪئي

حيدرآباد ( محبوب حسين بزدار)ڊسٽرڪٽ هيلٿ…

November 25, 2026

بورڊ آف روينيو جي مختلف سيڪشن جوڪم بند ڪنديمک گيٽ اڏوملازمن علامتي بک هڙتال شروع ڪري ڏني

حيدرآباد (محبوب حسين بزدار )بورڊ آف…

November 25, 2026

ٻارن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن کي سماج جو ذميوار شهري بڻائڻ لاءِ سرڪاري ادارن، والدين ۽ سماجي تنظيمن کي گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي

مٽياري(رپورٽ زبيراحمدڪلھوڙو)ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد دانش…

November 25, 2026

سيکاٽ کان حاجي خير محمد سمون ڪوٽ تائين لنڪ روڊ جي مرمت جو ڪم شروع ٿي ويو آهي

مٽياري (رپورٽ زبيراحمدڪلھوڙو)سيکاٽ کان حاجي خير…

November 25, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

عوامي پريس ڪلب ڪنب جو ساليانو اجلاس صدر ناز سولنگي جي صدارت ۾ منعقد

ڪوٽ ڏيجي (رپورٽ ڪفايت علي ھاليپوٽو) عوامي پريس ڪلب ڪنب جو ساليانو اجلاس پريس ڪلب جي صدر ناز سولنگي جي…

1 Min Read
پاڪستان

ڪي پي آئيز (KPIs) تي سختي سان عملدرآمد کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي: ڪمشنر حيدرآباد

ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي چيو آهي ته سرڪاري معاملن ۾ بهتري آڻڻ ۽ عوام کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ…

3 Min Read
پاڪستان

بدين  ڊپٽي ڪمشنربدين زارا زاهد ضلعي اطلاعات آفيس بدين جو تفصيلي دورو

بدين( محفوظ شاھ)بدين  ڊپٽي ڪمشنربدين زارا زاهد ضلعي اطلاعات آفيس بدين جو تفصيلي دورو ڪري آفيس جي انتظامي معاملن، مجموعي…

2 Min Read
علاقائي

ون ويلنگ دوران خطرناڪ حرڪتون ڏيکاريندڙ اوباش نوجوان جي وڊيو وائرل، SSP سکر اظهر خان جو نوٽيس، ون ويلنگ ڪندڙ اوباش گرفتار، مقدمو درج

ايس پي سٽي ڪيپٽن (ر) محمد صهيب امين جي سربراهي ۾ ايس ايڇ او پوليس اهلڪار ۽ 15 انچارج جي…

1 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?