بدين( محفوظ شاھ)بدين ڊپٽي ڪمشنربدين زارا زاهد ضلعي اطلاعات آفيس بدين جو تفصيلي دورو ڪري آفيس جي انتظامي معاملن، مجموعي ڪارڪردگي، ميڊيا مينيجمينٽ سرڪاري سرگرمين جي تشهير بابت تفصيلي جائزو ورتو ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر سرفراز سمون ڊپٽي ڪمشنر بدين کي اطلاعات کاتي بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ضلعي اطلاعات آفيس بدين حڪومت سنڌ، ضلعي انتظاميه ۽ مختلف سرڪاري ادارن جي عوام دوست منصوبن، ترقياتي ڪمن، فلاحي پروگرامن، صحت، تعليم، زراعت، پوليو، ماحوليات، ڊجيٽل گورننس ۽ ٻين عوامي ڀلائي وارن قدمن کي پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا ذريعي مؤثر نموني اجاگر ڪري رهي آهي بريفنگ دوران اهو پڻ ٻڌايو ويو ته ضلعي اطلاعات آفيس بدين سرڪاري ميڊيا ڪوريج ۾ انتهائي اهم ۽ فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي. آفيس ضلعي سطح تي ٿيندڙ اهم سرڪاري گڏجاڻين، تقريبون، عوامي ڀلائي جي مهمن، هنگامي صورتحال بابت آگاهي مهمن ۽ حڪومتي پاليسين کي بروقت ميڊيا تائين پهچائي عوام کي مستند ۽ صحيح معلومات فراهم ڪري ٿي. ان سان گڏوگڏ سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي ضلعي انتظاميه ۽ حڪومت سنڌ جي ڪارڪردگي کي نمايان ڪرڻ لاءِ جديد مواصلاتي ذريعن جو ڀرپور استعمال ڪيو پيو وڃي، جنهن سان عوام ۽ سرڪاري ادارن وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويو آهي بعد ۾ هن ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي ٻين برانچن جو پڻ تفصيلي دورو ڪيو ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڪاشف رضا منگي، اسسٽنٽ ڪمشنر بدين راجيش دلپت ۽ پي ايس علي نواز قائم خاني ساڻس گڏ هئا
بدين ڊپٽي ڪمشنربدين زارا زاهد ضلعي اطلاعات آفيس بدين جو تفصيلي دورو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
