ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي چيو آهي ته سرڪاري معاملن ۾ بهتري آڻڻ ۽ عوام کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سڀني آفيسرن کي پنهنجي ڪارڪردگي وڌيڪ موثر، نتيجا ڏيندڙ ۽ شفاف بڻائڻي پوندي، جڏهن ته ڪي پي آئيز (KPIs) تي سختي سان عملدرآمد کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي۔ هن اهڙو اظهار ضلعي مٽياري ۾ ٿيل ڪارڪردگي جائزي واري اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، جيڪو ڊي سي آفيس مٽياري جي سيڪريٽريٽ ۾ قائم لطيف هال ۾ منعقد ٿيو۔
اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ، ڊپٽي ڪمشنر دادو سيد مرتضيٰ علي شاه ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو الهيار نور مصطفيٰ لغاري سميت ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ۽ مختلف تعلقن جا اسسٽنٽ ڪمشنر وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا، جتي سڀني ڊپٽي ڪمشنرن پنهنجي پنهنجي ضلعن بابت ڪمشنر حيدرآباد کي تفصيلي بريفنگ ڏني۔
ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ضلعي ۾ 1 لک 25 هزار وڻ لڳايا ويا آهن، جڏهن ته مٽياري ۾ پهريون ڀيرو ميراٿن ريس جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ذريعي نوجوانن ۽ شاگردن ۾ تعليم ۽ صحت بابت آگاهي پيدا ڪئي وئي۔ هن وڌيڪ ٻڌايو ته ترقياتي اسڪيمن تي ويجهي نگراني رکندي معيار مطابق ڪم ڪرائڻ کي يقيني بڻايو ويو آهي، جڏهن ته ڇوڪرين لاءِ لائبريري قائم ڪئي وئي آهي۔ رمضان المبارڪ دوران مستحق خاندانن ۾ راشن ورهايو ويو ۽ سڄي مهيني دوران بازارن ۾ ريٽ لسٽن تي سختي سان عمل ڪرائڻ لاءِ باقاعده نگراني ڪئي وئي۔
ساڳئي ريت ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو الهيار ۽ ڊپٽي ڪمشنر دادو پڻ پنهنجي ضلعن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته انهن جي ضلعن ۾ سيف هائوسز ۾ بهتري آندي وئي آهي ۽ غريب شاگردن لاءِ اسڪول بيگز ۽ جوتا فراهم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سماجي ڀلائي ۽ تعليم جي شعبي ۾ مختلف قدمن تي عمل ڪيو ويو آهي۔
اجلاس دوران سڀني آفيسرن پنهنجي پنهنجي ضلعن ۽ تعلقي سطح تي ڪيل ڪارڪردگي بابت تفصيلي جائزو پيش ڪيو، جڏهن ته پاور پوائنٽ پريزينٽيشنز ذريعي مختلف شعبن ۾ حاصل ڪيل اڳڀرائي، درپيش مسئلا ۽ انهن جي حل بابت جامع بريفنگ پڻ ڏني وئي۔
ڪمشنر حيدرآباد پيش ڪيل ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو وٺندي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجن ضلعن ۾ انتظامي معاملن، عوامي خدمتن، صحت، تعليم، روينيو، صفائي سٿرائي ۽ ترقياتي منصوبن تي خاص ڌيان ڏين ۽ حڪومتي هدايتن تي مڪمل ۽ بروقت عملدرآمد کي يقيني بڻائين۔ هن وڌيڪ چيو ته عوامي مسئلن جي حل ۾ دير برداشت نه ڪئي ويندي ۽ فيلڊ ۾ موجودگي وڌائي وڃي ته جيئن عوام کي رليف ملي سگهي۔
ان موقعي تي ڪمشنر حيدرآباد ڊي سي آفيس مٽياري جي سيڪريٽريٽ ۾ وڻ پڻ لڳايو ۽ ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي لاءِ دعا گهري۔
اجلاس ۾ ضلعي انتظاميه جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ويو ته بهتر هم آهنگي ۽ ٽيم ورڪ سان عوامي خدمتن ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي ٿي۔
