دادو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر: مختيار علي جتوئي)دادو اسپيشل ايجوڪيشن کاتي جي ميوزڪ ٽيچر خلاف ملازم پاران مبينا تشدد ۽ بدسلوڪي جا سنگين الزام، متاثر ملازم عابد علي ڪوريچو پي سي يو پريس ڪلب دادو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پنهنجا خدشا ۽ شڪايتون ميڊيا آڏو پيش ڪيون.عابد علي ڪوريچو الزام لڳائيندي چيو ته اسپيشل ايجوڪيشن جي ميوزڪ ٽيچر آصف چارڻ پاران آفيس اندر ساڻس گڏ سندس ننڍڙي پٽ سان پڻ مبينا طور تشدد ۽ بدسلوڪي ڪئي وڃي ٿي، جنهن سبب هو سخت پريشان آهي.هن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته مان هڪ ننڍڙو ملازم ۽ غريب خاندان سان تعلق رکندڙ آهيان. هڪ غريب ۽ مسڪين عورت مدد جي اميد سان آفيس ۾ آئي هئي، جنهن جي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي مون کي مبينا طور ڌمڪيون ۽ دڙڪا ڏئي آفيس مان ٻاهر ڪڍيو ويو.عابد علي ڪوريچو سنڌ جي سيڪريٽري، اسپيشل ايجوڪيشن کاتي جي اعليٰ اختيارين ۽ لاڳاپيل عملدارن کي اپيل ڪئي ته واقعي جو فوري نوٽيس وٺي الزامن جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪرائي وڃي، ملوث ڌر خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کيس انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
هن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن سندس شڪايت جو ازالو نه ڪيو ويو ته هو انصاف جي حاصلات لاءِ احتجاج جو دائرو وڌائڻ تي مجبور ٿيندو.
دادو اسپيشل ايجوڪيشن کاتي جي ميوزڪ ٽيچر خلاف ملازم پاران مبينا تشدد ۽ بدسلوڪي جا سنگين الزام، متاثر ملازم عابد علي ڪوريچو پي سي يو پريس ڪلب دادو ۾ پريس ڪانفرنس
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
