نوشھروفيروز (رپورٽ عطا حيسن) بينچ، بار، ڌريون ۽ سرڪار پنھنجو پنھنجوگھربل ڪردار ڀرپور نموني سان ادا ڪن تسائلين کي تڪڙو ۽سستو انصاف ميسر ٿي سگھي ٿو ۽ ھيٺين عدالتن ۾ پيل ڪيس سٺي نموني نيڪال ٿي سگھن ٿا. اھڙن خيالن جو اظھار وڪيلن سميت سول سوسائٽي جي نمائندن نوشھروفيروز ۾ ٿيل مذاڪري دوران ڪيو. جنھنجو اھتمام لالا، لا ايسوسيئيٽس پاران ڪيو ويو. ان موقعي تي بار جي سينئر اڳواڻن سميت نوجوان وڪيلن چيو تہ سڀ اسٽيڪ ھولڊرس پنھنجي حصي جو ڪم ايمانداري ۽ نيڪ نيتيءَ سان ڪن عوام کي سستي ۽ تڪڙي انصاف جي فراھمي يقيني بڻائي سگھجي ٿي.تقريب ۾ڪيس فلومئنجمينٽ سسٽم جي حوالي سان ڄاڻ ڏني وئي جنھن ۾ لالا حسن پٺاڻ وڪيل جي چئن سالن ۾ ۷۶ سول، ۵۹ فيملي سوٽس۽ ۱۷۲ ڪرمنل ڪيس نيڪال ڪرائڻ جي کيس خراج تحسين پيش ڪيو ويو. مقررين وائيس چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي عبدالوحيد عباسي، بار جي جوائنٽ سيڪريٽري اختر علي ڀريجو، عبدالوھاب عباسي، شاھ محمد سيال، شڪيل عباسي، عبدالشڪور عباسي، سيد شفيق شاہ راشدي ۽ ٻين چيو تہ چئن سالن ۾ ايترا سول ڪيس نيڪال ڪرڻ تي لالا حسن پٺاڻ ۽ ان جھڙا ٻيا وڪيل ۽ جج صاحبان جس لھڻن جن ڀرپور انداز ۾ ڪيس ھلايا. مقررين تجويز پيش ڪئي تتقريب دوران ذڪر ڪيل مسئلا ۽ ڏنل تجويزون چيف جسٽس سنڌ جسٽس ظفر احمد راجپوت، سيشن جج امير علي مھيسر ۽ ٻين کي موڪليا وڃن تجيئن تڪڙي ۽ سستي انصاف کي يقيني بڻائي سگھجي. تقريب ۾ وڪيل برڪت علي مستوئي، جاويد علي راڄپر، عمران علي تڳر، جاويد امر،عبدالواحد عباسي، ڪامريڊ، سعيده عمراڻي، ظھيران عباسي، مظفر عباسي، سھانا علي، تيمور سومرو،غلام حسين چانڊيو، فھيم نذير ميمڻ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جڏھن تہ وڪيل نصرت قاضي آيل مھمانن کي ڀليڪار ڪيو. ظفر علي تڳر ۽ غلام حسن ڪلھوڙو قومي گيت ڳائي تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
سڀ اسٽيڪ ھولڊرس پنھنجي حصي جو ڪم ايمانداري ۽ نيڪ نيتيءَ سان ڪن ،لالا حسن پٺاڻ
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
