بدين (ڊ ر محفوظ شاه) بدين ڊپٽي ڪمشنر بدين زارا زاهد جي خاص ويزن ۽ هدايتن تي نوجوانن جي صحت، جسماني فٽنيس ۽ مثبت سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ضلعي بدين جي مختلف تعلقن ۾ راندين جون سرگرميون منعقد ڪيون ويون. ان سلسلي ۾ ڪرڪيٽ، فٽبال ۽ ٻين راندين جا مقابلا ڪرايا ويا، جن ۾ نوجوان رانديگرن ڀرپور جوش ۽ جذبي سان حصو ورتو، جڏهن ته ضلعي بدين جي شهرين جي وڏي انگ پڻ راندين جي سرگرمين ۾ شرڪت ڪري رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪئي تعلقي سطح تي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن پڻ راندين جي انهن سرگرمين ۾ شرڪت ڪئي ۽ رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪندي راندين جي فروغ لاءِ ضلعي انتظاميا جي عزم جو اظهار ڪيو ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر بدين زارا زاهد ضلعي بدين جي شهرين جي ڀرپور شرڪت کي ساراهيندي چيو ته راندين ۽ صحتمند سرگرمين جو انعقاد نوجوانن کي مثبت سرگرمين ڏانهن راغب ڪرڻ ۽ معاشري ۾ صحتمند، خوشگوار ۽ مثبت ماحول کي هٿي وٺرائڻ لاءِ انتهائي اهم آهي هن چيو ته رانديون نوجوانن جي جسماني صحت، ذهني نشونما، نظم ۽ ضبط، خود اعتمادي، ٽيم ورڪ ۽ مثبت سوچ کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. نوجوانن کي راندين جا بهتر موقعا فراهم ڪري سندن صلاحيتن کي اجاگر ڪري سگهجي ٿو ۽ کين معاشري جو فعال ۽ مثبت حصو بڻائي سگهجي ٿو ڊپٽي ڪمشنر ان عزم جو اظهار ڪيو ته ضلعي بدين ۾ نوجوانن ۽ رانديگرن لاءِ راندين جي وڌيڪ سرگرمين کي هٿي ڏني ويندي، جيئن کين صحتمند ۽ مثبت ماحول فراهم ڪرڻ سان گڏ پنهنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جا بهتر موقعا پڻ ملي سگهن.
بدين ڊپٽي ڪمشنر بدين زارا زاهد جي خاص ويزن ۽ هدايتن تي نوجوانن جي صحت، جسماني فٽنيس ۽ مثبت سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ضلعي بدين جي مختلف تعلقن ۾ راندين جون سرگرميون منعقد ڪيون ويون
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
