شڪارپور (رپورٽ: عابد تبسم)ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم جي خاص هدايتن تي ضلعي اندر منشيات فروشن ۽ ڏوهاري عنصرن خلاف پوليس جون ڪارروايون جاري آهن. مختلف هنڌن تي ڪاررواين دوران 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان مجموعي طور 7 ڪلو 585 گرام منشيات، هڪ ٽي ٽي پسٽل، هڪ ميگزين ۽ 6 گوليون هٿ ڪيون ويون آهن.تفصيل موجب، ٿاڻي لکي غلام شاهه پوليس ڪارروائي ڪندي گم ٿيل ٻن ڄڻن ياسر علي ۽ عبدالرحمان مهر کي ڳولي لڌو ۽ کين سندن وارثن حوالي ڪيو. وارثن پاران ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم ۽ پوليس ٽيم جا ٿورا مڃيا ويا.جڏهن ته ٻي ڪارروائي دوران جوابدار عامر شاهه کي هڪ ٽي ٽي پسٽل، هڪ ميگزين ۽ 6 گولين سميت گرفتار ڪيو ويو.ٻئي طرف ٿاڻي چڪ پوليس جوابدار اظهار بهيو کي 100 گرام چرس سميت گرفتار ڪيو. ٿاڻي ماڙي پوليس جوابدار محمد بچل لاشاري کي 235 گرام چرس سميت گرفتار ڪيو، جڏهن ته ٿاڻي سلطان ڪوٽ پوليس جوابدار صيفل بکراني کي 250 گرام چرس سميت گرفتار ڪري ورتو.
شڪارپور پوليس جون منشيات فروشن ۽ ڏوهاري عنصرن خلاف ڪامياب ڪارروايون، 5 جوابدار گرفتار
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
