ملڪ جي سڪيورٽي ذريعن واضح ڪيو آهي ته پاڪستان اسرائيل کي تسليم نٿو ڪري ۽ نه ئي مستقبل ۾ ڪندو. ڪشمير ۽ فلسطين تي اسان جو موقف تبديل نٿو ٿئي، ٻنهي علائقن کي خود ارادي حق گهرجي ۽ اسين انهن سان گڏ آهيون. سڪيورٽي ذريعن موجب آزاد ڪشمير جا معاملا سياسي پارٽين ذريعي سياسي طور حل ڪيا ويا آهن ۽ هر ڪنهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
ملڪ جي سلامتي خاطر فوج جا جوان پنهنجو خون ڏئي رهيا آهن، ۽ جيڪڏهن ڪشمير ۾ امن جا معاملن ۾ ڪو به انتشار پيدا ٿيو ته ان جو فائدو ڀارت وٺي ويندو. پسني بندرگاهه بابت سوالن تي چيو ويو ته هر ملڪ جا پنهنجا مفاد هوندا آهن آمريڪا جا، چين جا ۽ اسان جا به پر پاڪستان جا مفاد سڀ کان اهم آهن. اسان چاهيون ٿا ته پنهنجي وسيلن جهڙوڪ تيل، گئس، گرينائٽ ۽ ماربل کي ايڪسپلور ڪيو وڃي. بندرگاهه بابت مختلف تجويزون آنديون ويون پر هر ملڪ پنهنجي مفادن کي ترجيح ڏئي ٿو.
سڪيورٽي ذريعن چيو ته پسني بندرگاهه ڪمرشل آهي ۽ سڪيورٽي جو ذمو رياست خود ڪندي، ٻاهرين ملڪ کي سڪيورٽي ڏيڻ جو ڪو سوال ئي پيدا نه ٿيندو. سرمائيڪارن کي اسان سڪيورٽي فراهم ڪريون ٿا. جيڪي به سيڙپڪار اچن ٿا، فوج سڀني کي تحفظ ڏئي رهي آهي. غزہ لاءِ پاڪستاني دستا موڪلڻ بابت پڇڻ تي چيو ويو ته فلسطين اسان لاءِ اهم آهي، پاڪستان نه اسرائيل کي تسليم ڪري رهيو آهي نه ئي ڪندو.
ابراهام اڪارڊ محض هڪ ايجنڊو آهي، ۽ اندروني سطح تي اسرائيل جي تسليم بابت پروپيگنڊا ڪجي ٿو، پر اسان جي پاليسي واضح آهي، ڪشمير ۽ فلسطين لاءِ اسان جو موقف بدليل ناهي، ٻنهي کي خوداراديت گهرجي ۽ اسين انهن سان گڏ آهيون. سڪيورٽي ذريعن چوڻ مطابق فوجي بريگڊ ۽ ڪمانڊرز جي بريفنگز ۾ بار بار زور ڏنل آهي ته اسرائيل فلسطين ۾ نسل ڪشي ڪري رهيو آهي ۽ اتي ظلم جا وڏا درجا موجود آهن. دنيا ۽ گڏيل قومن کي ان صورتحال کي روڪڻ گهرجي.
پاڪستان به هن ظلم کي روڪڻ لاءِ قدم کنيو آهي، حماس ۽ فلسطيني عوام جي مرضي جو احترام ڪيو ويندو. دهشتگردي بابت انگ اکر ٻڌائيندي چيو ويو ته بلوچستان ۾ 2024ع ۾ فوج 1,018 دهشتگرد ماريو، جڏهن ته سيپٽمبر 2025 تائين 1,422 دهشتگرد مارجي چڪا آهن. هينئر تائين 55,315 انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ٿي چڪا آهن ۽ روزانو اوسطاً 190 انٽيليجنس آپريشن جاري آهن. انهن آپريشنن ۾ 118 افغان دهشتگرد ماريا ويا، جن ۾ 8 افغان خودڪش حملا آور شامل آهن.
135 دهشتگرد افغان سرحد تي ماريا ويا، انهن جو اچڻ ٻاهرين هو ۽ ان ۾ ڀارت جي پشت پناھي شامل آهي. 2014ع ۾ نيشل ايڪشن پلان ٺهيو، 2021ع ۾ ان تي عمل ٿيو ۽ 14 نقطا مقرر ٿيا. موجوده حڪومت هڪ نئون پلان “عزمِ استحڪام” شروع ڪيو آهي، سڀ سياسي پارٽيون شامل ڪري ڪم جاري آهي. دهشتگردن لاءِ ڪا پناهه گاهه رهڻ نه ڏني ويندي، دهشتگردن جو ميڊيا سيڪشن بند ڪيو ويندو ۽ فوج پنهنجو ڪردار جاري رکندي.
شانگلا ۽ تيراح جهڙين واقعن تي به بحث ڪندي چيو ويو ته غير رجسٽرڊ گاڏين ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ ضروري آهي. اسان اسمگلنگ ۽ غير قانوني آمد و رفت کي روڪي رهيا آهيون. اڳ ۾ ايران کان ايندڙ تيل جي مقدار گهٽجي وئي آهي ۽ اسان انهيءَ کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون. پاسپورٽ رجيم، ڪائونٽر ٽرررزم اٿارٽي ۽ صوبائي اٿارٽيز کي مضبوط ڪرڻ جا اشارا ڏنا ويا. بي ايل اي خلاف ڪاررواين ۽ مالي مدد جي سلسلي ۾ به ڳالهه ٿيندي چيو ويو ته فتنۃ الخوارج وٽ آمريڪا جو 7.2 ارب ڊالر جو ڇڏي ويو هٿيار موجود آهن ۽ انهن کي نائيٽ ويزن جهڙا اوزار مليا آهن. اسان آمريڪا کي به اهو مسئلو آگاهه ڪيو آهي.
انساني حقن جي حوالن سان چيو ويو ته پاڪستان مقبوضه ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ۽ ڀارت پاران سِک ياترين کي مشڪلاتون ڏيڻ جهڙن معاملن کي به نوٽ ڪري رهيو آهي. فوج ۽ رياست جي ڪردار تي زور ڏيندي چيو ويو ته ملڪ ۾ هڪ ئي سسٽم آهي جيڪو آئين تحت هلندو آهي، فوج آرٽيڪلز 243، 244 ۽ 245 تحت ڪم ڪري ٿي ۽ رياست جي ادارن ۾ تضاد ناهي. حڪومت جا فيصلا فوري عملدرآمد لاءِ لاڳو ٿين ٿا، فوج ڪنهن جي ذاتي سياست لاءِ ڪم نٿي ڪري، ۽ رياست ۽ سياسي قيادت جي وچ ۾ رابطو ادارتي بنياد تي آهي.
سعودي عرب سان دفاعي معاهدي بابت چيو ويو ته اهو ڪنهن خلاف ناهي ۽ ان کي منفي نظر سان نه ڏٺو وڃي، هر ملڪ پنهنجي دفاع کي يقيني بڻائي ٿو. افغانستان جي حوالي سان آمريڪا سان ڳالهه ٻولهه ۾ به هٿيارن جي واپسي جهڙا معاملا اٿن. آخر ۾ چيو ويو ته حڪومت ۽ فوج وچ ۾ ڪو به الجھن يا تڪرار ناهي، سڀ فيصلا رڪارڊ تي آهن ۽ عملدرآمد تي عمل ڪيو پيو وڃي.
