• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    چيٽ جي پي ٽي ۾ خاموشي سان اهم تبديلي

    اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ۾ هڪ…

    2 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: روهڙي 18 سالن کان بس پوائنٽ کان محروم گورنمينٽ عطا حسين شاهه ڊگري ڪاليج روهڙي جي نياڻين جا سخت مسئلا گورنمينٽ عطا حسين شاهه ڊگري ڪاليج روهڙي ۾ پڙهندڙ نياڻيون گذريل 18 سالن کان بس پوائنٽ جي سهولت کان محروم آهن
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

روهڙي 18 سالن کان بس پوائنٽ کان محروم گورنمينٽ عطا حسين شاهه ڊگري ڪاليج روهڙي جي نياڻين جا سخت مسئلا گورنمينٽ عطا حسين شاهه ڊگري ڪاليج روهڙي ۾ پڙهندڙ نياڻيون گذريل 18 سالن کان بس پوائنٽ جي سهولت کان محروم آهن

admin
Last updated: December 21, 2025 1:54 pm
admin
Share
SHARE

جنهن سبب روزانو ڪيترن ئي ڪلوميٽرن جو پنڌ، وڌندڙ سفري خرچ ۽ لاڳاپيل ادارن جي مسلسل بي توجهي نياڻين لاءِ مستقل عذاب بڻجي وئي آهي تفصيل موجب روهڙي قومي شاهراهه جي ڪناري واقع گورنمينٽ عطا حسين شاهه ڊگري ڪاليج روهڙي جون نياڻيون مختلف ديهاتي ۽ شهري علائقن مان روزانو ڪاليج اچ وڃ ڪن ٿيون پر بس پوائنٽ جي سهولت نه هجڻ ڪري کين هر روز ڪيترن ئي ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪرڻو پوي ٿو بس پوائنٽ نه هجڻ سبب اڪثر نياڻيون پنڌ ڪري ڪاليج پهچڻ تي مجبور آهن جيڪو نه رڳو جسمي مشقت پر شديد ذهني دٻاءُ جو به سبب بڻجي رهيو آهي ڄاڻايو ويو آهي ته ڪاليج جي بس محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي سانحي واري ڏينهن لڳ ڀڳ 18 سال اڳ شرپسند عنصرن نذرِ آتش ڪري ڇڏي هئي پر حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته ايترو ڊگهو عرصو گذرڻ باوجود نه ڪا نئين بس فراهم ڪئي وئي ۽ نه ئي ڪو متبادل انتظام ڪيو ويو ڪاليج جي مک دروازي ڀرسان اڄ به ساڙيل بس جو ڍانچو موجود آهي جيڪو نياڻين لاءِ محرومي،لاپرواهي ۽ سرڪاري غفلت جي علامت بڻيل آهي بس سهولت نه هجڻ سبب روهڙي سٽي،علي واهن،ڪنڌرا،روشن آباد، ٽنڊو ٺٽي،ٽنڊو بوراهو،اروڙ سميت ٻين علائقن مان ايندڙ نياڻين کي يا ته روزانو پنڌ ڪرڻو پوي ٿو يا وري خانگي گاڏين ۾ ڀاڙو ادا ڪري ڪاليج پهچڻو پوي ٿو دير سان پهچڻ سبب نياڻين جي حاضري متاثر ٿئي ٿي، جڏهن ته غير محفوظ سفر سبب والدين سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن نياڻين جو چوڻ آهي ته ڊگهي پنڌ سبب ٿڪاوٽ پڙهائي تي ڌيان گهٽجڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن تعليم ڇڏي ڏيڻ جا خدشا پڻ پيدا ٿين ٿا تعليمي ماهرن ۽ شهري حلقن موجب نياڻين لاءِ سفري سهولت فراهم ڪرڻ بنيادي طور تي تعليم کاتي سنڌ،ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۽ ضلعي انتظاميا جي گڏيل ذميواري آهي خاص طور تي ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ،ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز سنڌ ۽ ضلعي انتظاميا سکر تي لازم آهي ته هو نياڻين لاءِ محفوظ، باقاعده ۽ مستقل سفري سهولت يقيني بڻائن، جيئن عورتن جي تعليم کي هٿي ملي سگهي نياڻين،والدين ۽ شهري حلقن مطالبو ڪيو آهي ته گورنمينٽ عطا حسين شاهه ڊگري ڪاليج روهڙي لاءِ ترت نئين بس يا مستقل بس پوائنٽ فراهم ڪيو وڃي،نياڻين لاءِ محفوظ،باقاعده ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻن روٽن تي ٻڌل ٽرانسپورٽ سروس شروع ڪئي وڃي،ساڙيل بس جي ڍانچي کي فوري طور هٽائي نئين بس مهيا ڪئي وڃي ته جيئن نياڻين کي نفسياتي دٻاءُ کان ڇوٽڪارو ملي ان سان گڏ 18 سالن کان جاري غفلت بابت جاچ ڪرائي وڃي ۽ گرلز تعليم جي تحفظ ۽ واڌاري لاءِ خاص فنڊ جاري ڪيا وڃن شهري حلقن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن فوري قدم نه کنيا ويا ته ان جا سڌا ۽ منفي اثر نياڻين جي تعليم،حاضري جي شرح ۽ مستقبل تي پوندا،جيڪو ڪنهن به وقت هڪ سنگين تعليمي ايمرجنسي جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد جي سڏ تي اڄ ٽئين ڏينهن به سنڌ جي وحدت خلاف سازشن، قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ، ڪئنال منصوبن، زمينن تي قبضي، 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن، توڙي حيدرآباد ۾ وڌندڙ منشيات ۽ ڏوهن خلاف نسيم نگر چوڪ، قاسم آباد ۾ احتجاجي بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي. احتجاج دوران سنڌ دشمن منصوبن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.
Next Article شهرين لاءِ خوشخبري، نادرا شام جي شفٽ به شروع ڪري ڇڏي
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

سکر: پنوعاقل ۾ جوابدارن پاران گهر تي حملو، عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد جو الزام، متاثرين جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج

سکر (بيورو رپورٽ): پنوعاقل جي علائقي سان تعلق رکيندڙ بروھي برادري جي مردن ۽ عورتن بااثر جوابدارن پاران زيادتين، تشدد،…

By admin
3 Min Read

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ…

September 4, 2026

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول…

September 4, 2026

سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي امڪاني ورهاڱي واري رٿ خلاف تاريخي ٺهراءُ منظور

سنڌ اسيمبلي جي هڪ وڏي ۽…

September 4, 2026

جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليهوآله وسلم جو عظيم الشان جلسو ۽دستار فضیلت ڪانفرنس منعقد

سکر: جشن عيد ميلاد النبي صلي…

September 4, 2026

سکر: يونين ڪميٽي 11 جي ڪائونسلر سميت ٻين جوابدارن خلاف ايف آءِ اي پاران جاچ جو حڪم

سکر: وفاقی تحقیقاتی ادارے (ایف آئی…

September 4, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

سکر ۾ رمضان بچت بازار ڪاميابي سان مڪمل، آفيسرن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ

سکر: 31 مارچ 2026رمضان المبارڪ جي مهيني دوران سنڌ حڪومت جي هدايتن تحت روينيو کاتي ۽ بيورو آف سپلاءِ سکر…

2 Min Read
پاڪستان

قصور ۾ شادي هال جي مين هول ۾ ڪري 3 ساله ٻار فوت

قصور جي علائقي مصطفيٰ آباد ۾ شادي هال جي مين هول ۾ ڪري 3 ساله ٻار فوت ٿي ويو. پوليس…

1 Min Read
پاڪستان

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي منصوره ۾ جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان سان ملاقات

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سومر ڏينهن هتي منصوره پهتو ۽ جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان سان ملاقات…

1 Min Read
پاڪستان

ايران-آمريڪا مذاڪرات: پاڪستان جو اهم ڪردار

نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان جي ثالثي هيٺ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾…

3 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?