پريمي جوڙو پريس ڪلب سانگهڙ پھتو جنهن چيو ته مون کي ڏهن ٻارن جي پيءُ سان زبردستي شادي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي، جنهن تي مون انڪار ڪري ڇڏيو.
اهي ڳالهيون فرزانه ڌيءَ محمد ايوب منگهڻهار، رهواسڻ ڳوٺ بهرام خان مري، سڪرنڊ، ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيون. هن ٻڌايو ته هن جعفر خان ولد خان محمد سهتو سان ٽنڊو آدم جي عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجي مرضي سان پسند جي شادي ڪئي آهي.
فرزانه منگهڻهار چيو ته سندس والدين سندس شادي ڏهن ٻارن جي پيءُ سان ڪرائڻ چاهيندا هئا، جنهن تي کيس سخت اعتراض هو. هن پنهنجي والدين کي واضح ڪيو ته هوءَ جعفر خان سهتو سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي، پر هنن سختي سان انڪار ڪري ڇڏيو.ھن وڌيڪ چيو ته والدين جي مخالفت سبب هوءَ مجبور ٿي صرف ٽن ڪپڙن ۾ گهران نڪري آئي ۽ ٽنڊو آدم جي عدالت ۾ جعفر خان سهتو سان قانوني طور پنهنجي مرضي سان شادي ڪري ورتي. هن چيو ته هوءَ پنهنجي مڙس سان خوش آهي.فرزانه موجب، جڏهن سندس والدين ۽ مائٽن کي شادي جي خبر پئي ته اهي سندن جان جا دشمن بڻجي ويا.
هن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ ايس ايس پي مٽياري کان مطالبو ڪيو ته، “اسان پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي آهي، تنهن ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. جيڪڏهن اسان کي ڪو نقصان پهتو ته ان جا ذميوار منهنجا والدين ۽ مائٽ هوندا.”
سانگهڙ: پسند جي شادي ڪندڙ پريمي جوڙي جو تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
