سنڌ جي قديمي ثقافت ۽ روايتي راندين جي واڌ ويجهه جي سلسلي ۾ سکر جي مرڪزي عسڪري پارڪ ۾ سنڌ جي مشهور قديمي راند “ڪوڊي ڪوڊي” جي هڪ شاندار ۽ يادگار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن مان آيل رانديگرن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
تقريب جو مقصد سنڌ جي روايتي راندين کي زنده رکڻ ۽ نوجوان نسل کي پنهنجي ثقافتي سڃاڻپ سان جوڙڻ هو. مقابلن دوران رانديگرن ڀرپور جسماني طاقت، ڦرتي، مهارت ۽ حڪمتِ عملي جو شاندار مظاهرو ڪيو، جنهن تي تماشائين جوش ڀرين نعرا هڻي ۽ تاڙيون وڄائي رانديگرن جي ڀرپور حوصلا افزائي ڪئي.
قديمي راند ڪوڊي ڪوڊي سنڌ جي ديهي علائقن ۾ صدين کان کيڏي وڃي ٿي، جيڪا نه رڳو جسماني صحت لاءِ فائديمند آهي پر باهمي تعاون، اتحاد ۽ ڀائيچاري کي به فروغ ڏيڻ جو هڪ اثرائتو ذريعو آهي. هي راند اڄ به ديهي سماج ۾ خاص مقام رکي ٿي ۽ ماڻهن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.
تقريب کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته سنڌ جي ثقافت ان جي روايتي راندين ۾ زنده آهي، ۽ اهڙا پروگرام نوجوانن کي منفي سرگرمين کان پري رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. هنن حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي قديمي راندين جي واڌ ويجهه لاءِ مستقل بنيادن تي قدم کنيا وڃن.
مقابلن جي پڄاڻي تي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن ۽ ٽيمن ۾ انعام، شيلڊون ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا. تماشائين رانديگرن جي ڀرپور حوصلا افزائي ڪئي ۽ منتظمين جي هن قدم کي ساراهيو.
عسڪري پارڪ ۾ منعقد ٿيل هن تقريب نه رڳو سکر شهر جي رونقن ۾ اضافو ڪيو پر سنڌ جي قديمي راند “ڪوڊي ڪوڊي” کي به نئين سڃاڻپ ڏني.
تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ معزز مهمانن ۾ ارسلان اسلام شيخ، اخلاق احمد ميمڻ، محمد پناهه مهر، عبدالمجيد ميراني (چيئرمين يو سي-7)، رانا وسيم (چيئرمين يو سي-5)، آصف علي کوهارو (چيئرمين يو سي-8)، اظهر علي اعوان (چيئرمين يو سي-9)، فرحان علي ميراني (وائس چيئرمين) ۽ ممتاز علي لولائي (سيڪريٽري سنڌ ڪبڊي) شامل هئا۔
