تهران: ايران آمريڪا جي تازي حملن جي جواب ۾ بحرين ۽ ڪويت ۾ موجود آمريڪي فوجي تنصيبات تي ميزائل ۽ ڊرون حملن جي دعويٰ ڪئي آهي.
ايراني سرڪاري خبر رساں ادارن تسنيم ۽ پريس ٽي وي موجب، اسلامي انقلابي گارڊ ڪور (پاسدارانِ انقلاب) طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بحرين ۽ ڪويت ۾ موجود آمريڪي فوجي ٺڪاڻن کي ميزائلن ۽ ڊرونن ذريعي نشانو بڻايو ويو.
بيان موجب، اهي حملا ايراني بحري فوج ۽ ايرو اسپيس فورس گڏيل طور تي ڪيا، جن ۾ آمريڪي فوجي تنصيبات کي نشانو بڻايو ويو.
پاسدارانِ انقلاب جو چوڻ آهي ته اهي حملا ايران تي ٿيل تازي آمريڪي حملن جي جواب ۾ ڪيا ويا آهن.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايران تي آمريڪي حملن کي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت جي شق نمبر 1 جي خلاف ورزي قرار ڏنو ويو آهي، ۽ خبردار ڪيو ويو آهي ته ان جي نتيجي ۾ سمورو سفارتي عمل مڪمل طور تي روڪي سگهجي ٿو.
پاسدارانِ انقلاب وڌيڪ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مستقبل ۾ اهڙي قسم جي ڪا ٻي خلاف ورزي ڪئي وئي ته ايران ان کان به وڌيڪ سخت ۽ فيصلائتي ڪارروائي ڪندو، ۽ ايران خلاف ڪنهن به دشمناڻِي قدم جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.
نوٽ: مٿي بيان ڪيل دعوائون ايراني سرڪاري ميڊيا ۽ پاسدارانِ انقلاب جي بيان تي ٻڌل آهن، جن جي آزاد ذريعن کان هن وقت تائين تصديق سامهون ناهي آئي.
