واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته شڪي مني لانڊرنگ ۽ ٻين غيرقانوني سرگرمين جو پتو لڳائڻ ۾ ناڪاميءَ تي بئنڪ آف آمريڪا تي 1.2 ارب ڊالر ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.
وزارت موجب، بئنڪ 5 ارب ڊالر کان وڌيڪ ماليت جي شڪي مالي سرگرمين بابت حڪومت کي اطلاع نه ڏنو. انهن مان هڪ ارب ڊالر جي مالي سرگرمين ۾ قومي سلامتي ۽ غيرقانوني مالي ڏيتي ليتيءَ جا خطرا موجود هئا.
آمريڪي ناڻي واري کاتي جو چوڻ آهي ته بئنڪ جي ڪوتاهين ۾ اهڙين مالي ڏيتي ليتيءَ جي نشاندهي نه ڪرڻ به شامل آهي، جن جو امڪاني تعلق چيني مني لانڊرنگ نيٽ ورڪن يا واپار جي آڙ ۾ مني لانڊرنگ سان ٿي سگهي پيو، اهڙي قسم جي مني لانڊرنگ جو نمايان لاڳاپو آمريڪا جي ڏکڻ اولهه واري سرحدي پٽي سان ٻڌايو ويو آهي.
بئنڪ آف آمريڪا برطانوي ميڊيا کي ٻڌايو ته ”اسان جي ٽيم انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ گهربل قدم لاڳو ڪرڻ جي عمل ۾ ڪافي اڳتي وڌي چڪي آهي ۽ ريگيوليٽرن پاران اٿاريل معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.“
شڪي مني لانڊرنگ روڪڻ ۾ ناڪامي، بئنڪ آف آمريڪا تي 1.2 ارب ڊالر ڏنڊ
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
