اداکاره صبا قمر کي پوليس يونيفارم پائي ويڊيو شوٽ ڪرائڻ مهانگو پئجي ويو، ادڪاره خلاف مقدمو داخل ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
لاهور ۾ ايڊیشنل سيشن جج الیاس ریحان اداڪاره صبا قمر خلاف درخواست تي سماعت ڪئي.
درخواست گذار وسيم زوار موقف اختيار ڪيو ته سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو ۾ صبا قمر ڊريسنگ روم ۾ پوليس يونيفارم ۾ آهي ۽ هن ايس پي جو بيج به لڳايو آهي.
درخواست گذار مطابق پوليس يونيفارم پائڻ کان پهريان پوليس کان اين او سي وٺڻ ضروري آهي. هن تھانه پراڻي انارڪلي ۾ مقدمو داخل ڪرڻ جي درخواست ڏني، جنهن تي ڪارروائي نه ڪئي وئي.
عدالت سماعت 14 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
