يمن جي صدارتي ڪائونسل (پي ايل سي) جي سربراهه رشاد العليمي گڏيل عرب امارتن (يو اي اي) سان گڏيل دفاعي معاهدو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، رشاد العليمي چيو آهي ته يمن ۾ موجود يو اي اي جون سموريون فورسز 24 ڪلاڪن اندر ملڪ ڇڏي وڃن.
سندس چوڻ هو ته يمن جي هڙني بندرگاهن ۽ زميني توڙي سامونڊي لنگهن تي 72 ڪلاڪن لاءِ مڪمل هوائي، زميني ۽ بحري ناڪابندي ڪئي پئي وڃي.
ميڊيا رپورٽن موجب، يمن جي صدارتي ڪائونسل طرفان هي حڪم اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن سعودي عرب جي قيادت هيٺ قائم فوجي اتحاد يمن ۾ محدود هوائي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران مڪلا بندرگاهه کي نشانو بڻايو ويو.
سعودي اتحاد موجب، اها ڪارروائي يو اي اي جي حمايت يافته ڏکڻ عليحدگي پسند تنظيم، سدرن ٽرانزيشنل ڪائونسل (ايس ٽي سي) کي فراهم ڪيل پرڏيهي فوجي مدد جي خلاف ڪئي وئي.
سعودي عرب جي پرڏيهي کاتي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته برادر ملڪ گڏيل عرب امارتن طرفان کنيل قدم انتهائي خطري وارا آهن ۽ اهي خطي جي استحڪام لاءِ شديد خدشن جو سبب بڻجي سگهن ٿا.
دفاعي معاهدو ختم ڪرڻ جو اعلان، فوجين کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
