برطانيا کي يورپ جي ٻين ملڪن سان ڳنڍيندڙ ٽرين سروس بجلي جي فراهمي معطل ٿيڻ سبب بند ٿي وئي آهي۔
ٽرين سروس يوروسٽار بجلي جي فراهمي ۾ خرابي سبب پنهنجي سروس مڪمل طور تي معطل ڪري ڇڏي آهي۔
پرڏيهي ميڊيا موجب، يوروسٽار اڱاري ڏينهن لنڊن کان پيرس، ايمسٽرڊيم ۽ برسلز کي ملائيندڙ سڀئي ٽرينون چينل ٽنل ۾ بجلي جي مسئلي سبب روڪي ڇڏيون۔
ميڊيا رپورٽن موجب هي خلل ڪرسمس ۽ نئين سال جي وچ واري انتهائي مصروف سفري عرصي دوران پيش آيو۔
ان حوالي سان ترجمان چيو ته چينل ٽنل ۾ بجلي جي فراهمي ۾ مسئلو پيش آيو، جنهن بعد هڪ شٽل ٽرين اندر ئي اچي بيهجي وئي۔
ترجمان موجب لنڊن ايندڙ ۽ ويندڙ سڀئي ٽرينون ايندڙ اطلاع تائين معطل رهنديون۔
ان کان علاوه، يوروسٽار پنهنجي ويب سائيٽ تي مسافرن کي صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ کين پنهنجا سفري منصوبا اڳتي منتقل ڪرڻ جو به مشورو ڏنو۔
