سوئٽزرلينڊ جي هڪ لگژري ريزورٽ جي بار ۾ ٿيل ڌماڪي سبب فوت ٿيندڙ ماڻهن جو انگ وڌي 40 ٿي ويو آهي۔
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب سوئس پوليس ٻڌايو آهي ته ڪرانس مونٽانا جي لگژري اِسڪي ريزورٽ ۾ موجود هڪ بار ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن کان پوءِ بار ۾ باهه ڀڙڪي اُٿي۔
سوئس پوليس عملدارن پرڏيهي خبر ايجنسي کي ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ۽ زخمي ٿيا، پر شروعاتي طور فوت ۽ زخمي ماڻهن جي صحيح انگ ۽ ڌماڪي جي سببن بابت ڪا واضح ڄاڻ نه ڏني وئي۔
بعد ۾ اطالوي پرڏيهي وزارت ٻڌايو ته سوئس پوليس موجب بار ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ لڳ ڀڳ 40 ماڻهو فوت ٿيا آهن، جڏهن ته سوئس پوليس ڪمشنر جو چوڻ آهي ته بار ۾ باهه لڳڻ سبب تقريباً 100 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جن مان گهڻا سخت زخمي آهن۔
سوئس اختيارين موجب واقعي جي متاثرن مان ڪجهه ماڻهو غير ملڪي پڻ آهن، جڏهن ته سوئس اِسڪي ريزورٽ واري هن واقعي کي دهشتگرد حملو قرار نه ڏنو پيو وڃي۔
پوليس عملدارن ٻڌايو ته اربع ۽ خميس جي وچ واري رات هڪ وڳي 30 منٽن تي سياحت لاءِ مشهور اِسڪي ريزورٽ ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي وقت نئين سال جي رات ملهائڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ ماڻهو بار ۾ موجود هئا۔
