اسرائيلي پارليامينٽ (ڪنيست) جي اسپيڪر اسرائيلي فوج جي قطر جي گاديءَ واري شهر دوحه تي حملي جو حوالو ڏيندي، مشرقي وسطى جي ٻين ملڪن کي به ڌمڪي آميز پيغام ڏنو آهي.
اسرائيلي اسپيڪر اسرائيلي جهازن طرفان دوحه ۾ حماس قيادت جي استعمال هيٺ عمارت تي ڪيل حملي جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ لکي ڇڏيو ته هي سڄي مشرقي وسطى لاءِ پيغام آهي.
ياد رهي ته اسرائيل اڄ قطري گاديءَ واري شهر دوحه ۾ فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي آفيس تي ان وقت حملو ڪيو، جڏهن حماس جي اعليٰ قيادت غزه ۾ جنگبندي معاهدي بابت گڏ هئي.
اسرائيلي وزيراعظم ۽ اسرائيلي فوج حملي جي ذميواري قبول ڪندي چيو آهي ته حملو حماس جي اعليٰ قيادت کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو.
حماس جي سياسي آفيس جي رڪن سهيل الهندي تصديق ڪئي آهي ته اسرائيلي حملي ۾ حماس جي قيادت محفوظ رهي.
سهيل الهندي الجزيره کي ٻڌايو ته اسرائيلي حملي ۾ حماس اڳواڻ خليل الحيه جو پٽ همام الحيه ۽ آفيس انچارج جهاد لبد شهيد ٿي ويا، جڏهن ته حملي دوران 3 محافظن سان به رابطو منقطع ٿي ويو.
