جي ميل آئي ڊي استعمال ڪندڙ صارفين لاءِ خوشخبري آهي، ڇو ته گوگل هڪ اهم اپڊيٽ جاري ڪئي آهي۔
گوگل آڪائونٽ رکندڙ صارف هاڻي پنهنجي پرائمري ‘@gmail.com’ اي ميل ايڊريس کي پنهنجي موجوده آڪائونٽ ايڊريس سان تبديل ڪري سگهن ٿا۔
هن فيچر جي سٺي ڳالهه اها آهي ته اي ميل ايڊريس تبديل ٿيڻ باوجود به سمورو ڊيٽا محفوظ رهندو۔ ٻين لفظن ۾، صارف جو ڊيٽا مڪمل طور تي محفوظ هوندو، ڇاڪاڻتہ ٽيڪنالاجي جي ديو گوگل هن فيچر کي مرحليوار (بتدريج) متعارف ڪرائي رهيو آهي۔
يعني جڏهن صارف نئين جي ميل آئي ڊي تي سوئچ ڪندو ته سندس محفوظ ڪيل ڊيٽا، جنهن ۾ تصويرون، پيغام ۽ اي ميلز شامل آهن، ڪنهن به طرح متاثر نه ٿينديون۔
ان کان علاوه، صارف پراڻي يا نئين اي ميل ايڊريس استعمال ڪندي گوگل جون مختلف سروسز جهڙوڪ Gmail، Maps، YouTube ۽ Drive ۾ سائن اِن ڪري سگهندا۔
گوگل موجب، هڪ ڀيرو نئون جي ميل ايڊريس ٺهڻ کان پوءِ صارف ايندڙ 12 مهينن تائين ٻي نئين ايڊريس نٿو ٺاهي سگهي، جڏهنتہ پراڻو ايڊريس ڪنهن به وقت ٻيهر استعمال ڪري سگهجي ٿو۔
ڊيٽا جي تحفظ جي مڪمل ضمانت باوجود، گوگل صارفين کي صلاح ڏني آهي ته هو ايڊريس تبديل ڪرڻ کان اڳ پنهنجي اهم معلومات جو بيڪ اپ ضرور وٺن، ڇوتہ هن عمل دوران ڪجهه ايپس جون سيٽنگون ري سيٽ ٿي سگهن ٿيون۔
وڌيڪ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪو صارف ڄاڻڻ چاهي ته هي فيچر سندس آڪائونٽ لاءِ فعال آهي يا نه، ته هو سيٽنگز ۾ وڃي ‘Personal Information’ واري ڪيٽيگري ۾ ان کي چيڪ ڪري سگهي ٿو۔
