نئين سال جو پهريون سپر مون اڄ رات ٿيندو، جنهن دوران پورو چنڊ آسمان تي معمول کان وڏو ۽ وڌيڪ چمڪدار نظر ايندو۔
پاڪستان ۾ سپر مون جي شروعات شام 5 وڳي 51 منٽن تي ٿيندي۔ اسپارڪو موجب سپر مون عام چنڊ جي ڀيٽ ۾ تقريباً 6 کان 7 سيڪڙو وڏو نظر ايندو۔
هي سپر مون روايتي طور “وولف مون” سڏيو ويندو آهي۔ فلڪياتي ماهرن موجب، ان جو سڀ کان خوبصورت منظر چنڊ جي طلوع ٿيڻ وقت، رات جي شروعاتي حصي ۾ ڏسي سگهجي ٿو۔
هي آڪٽوبر 2025 ۾ شروع ٿيل سپر مون جي سلسلي جو آخري سپر مون هوندو۔
سائنسدانن موجب، سپر مون ان وقت ظاهر ٿيندو آهي جڏهن چنڊ زمين جي عام فاصلي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ويجهو اچي ويندو آهي، جنهن سبب چنڊ معمول کان وڌيڪ وڏو ۽ وڌيڪ روشن نظر ايندو آهي۔
