واٽس ايپ اسٽيٽس ۾ صارفين لاءِ هڪ اهم اپڊيٽ آندي پئي وڃي.
ڪمپني طرفان اسٽيٽس جي پرائيويسي کي وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي.
هڪ رپورٽ موجب، واٽس ايپ جي اينڊرائيڊ بيٽا ورزن ۾ هڪ نئون فيچر سامهون آيو آهي.
هن فيچر جي ذريعي صارفين جي پرائيويسي کي تحفظ ملندو، ۽ هو اهو چيڪ ڪري سگهندا ته انهن جو اسٽيٽس ڪهڙن ماڻهن سان شيئر ٿيندو ۽ ڇا پوسٽ ٻيهر شيئر ٿي سگهي ٿي يا نه.
هي فيچر انهن ماڻهن لاءِ تمام ڪارآمد ثابت ٿيندو، جيڪي هر اسٽيٽس پوسٽ ڪرڻ کان اڳ پرائيويسي سيٽنگز تبديل ڪندا آهن.
هاڻي تائين واٽس ايپ ۾ اهو ڄاڻڻ ممڪن نه هو ته اسٽيٽس ڪير ڪير ڏسي سگهي ٿو.
ان لاءِ صارفين کي پنهنجي يادداشت تي ڀاڙڻو پوندو هو.
رپورٽ موجب، هي نئون فيچر اسٽيٽس مينيو ۾ موجود آهي.
جڏهن مينيو کوليو ويندو ته اتي “آڊيئنس” نالي نئون آپشن نظر ايندو.
ان تي ڪلڪ ڪري پرائيويسي سيٽنگ مقرر ڪري سگهجي ٿي.
هن آپشن ۾ “مائي ڪانٽيڪٽس”، “اونلي شيئر وِد” ۽ “ايڪسسيپٽ” مان ڪنهن هڪ کي چونڊي سگهجي ٿو.
واٽس ايپ طرفان مخصوص ڪانٽيڪٽس کي شامل يا خارج ڪرڻ جي سهولت به فراهم ڪئي ويندي.
جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي، هي آپشن في الحال بيٽا ورزن ۾ موجود آهي، تنهن ڪري اهو چوڻ مشڪل آهي ته اهو سڀني صارفين لاءِ ڪڏهن متعارف ڪرايو ويندو.
