ڪراچي: وفاقي حڪومت جي نومبر 2025 ۾ قرض وٺڻ جون تفصيلون سامهون اچي ويون.
اسٽيٽ بئنڪ مطابق وفاقي حڪومت نومبر 2025 ۾ 573 ارب رپيا قرض ورتو، جنهن کان پوءِ حڪومتي ڪل قرض 77,543 ارب رپيا ٿي ويو.
اسٽيٽ بئنڪ ٻڌايو آهي ته حڪومت نومبر ۾ مقامي سطح تان 653 ارب رپيا قرض ورتو، جڏهن ته نومبر ۾ بيروني قرض جي مد ۾ 79 ارب رپيا ادا ڪيا ويا.
ان کان علاوه، روانه مالي سال جي پنجن مهينن دوران حڪومت جو قرض 345 ارب رپيا گهٽ ٿيو آهي.
اسٽيٽ بئنڪ موجب جولاءِ کان نومبر تائين حڪومت جو بيروني قرض 492 ارب رپيا گهٽ ٿيو جڏهن ته مقامي قرض 147 ارب رپيا وڌيو.
