ڪراچي: ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 1,100 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 39 هزار 836 رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙيءَ طرح 10 گرام سون به 943 رپيا گهٽجي 3 لک 77 هزار 88 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي طرف عالمي مارڪيٽ ۾ پڻ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي آئي آهي، جتي في اونس سون 11 آمريڪي ڊالر گهٽجي 4,174 ڊالر ٿي ويو آهي.
