ڪراچي: ملڪ ۾ سون جي قيمت مسلسل ٻئي ڏينهن گهٽجي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جويالر ايسوسيئيشن مطابق، ملڪ ۾ في تولہ سون جي قيمت 600 رپيا گهٽجي 4 لک 81 هزار 862 رپيا ٿي وئي آهي.
ايسوسيئيشن موجب 10 گرام سون جو ڀائو به 515 رپيا گهٽجي 4 لک 13 هزار 118 رپيا ٿي ويو آهي.
ٻئي طرف عالمي بازار ۾ سون جي قيمت 6 ڊالر گهٽجي 4595 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي.
