تهران: ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته اسان جنگ ۽ ڳالهين ٻنهي لاءِ تيار آهيون۔
هڪ بيان ۾ ايراني پرڏيهي وزير چيو ته هفتي جي آخر ۾ تشدد ۾ اضافو ٿيو، دهشتگردن مظاهرين ۽ سيڪيورٽي فورسن کي نشانو بڻايو، پر هاڻي صورتحال مڪمل طور ڪنٽرول ۾ آهي۔
هن چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن دوران ايران ۾ پرامن مظاهرا پرتشدد بڻجي ويا، ٻن هفتن ۾ مظاهرن دوران 350 مسجدن کي باهه لڳائي وئي، پر ايراني فورسن پرتشدد مظاهرن دوران وڌ کان وڌ صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو، مظاهرين جا مطالبا جائز هئا ۽ حڪومت انهن کي ٻڌي به رهي هئي۔
ايراني پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته ٽرمپ جي مداخلت بابت ڳالهه ٿيڻ کان پوءِ احتجاج خوني بڻجي ويا ته جيئن مداخلت جو بهانو پيدا ٿي سگهي۔
هن وڌيڪ چيو ته اسان جنگ ۽ ڳالهين ٻنهي لاءِ به تيار آهيون۔
واضح رهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ تازو بيان ۾ چيو آهي ته ايران ڳالهين لاءِ رابطو ڪيو آهي، جن جا انتظام ڪيا پيا وڃن۔
ساڳئي وقت ٽرمپ ڌمڪي به ڏني ته آمريڪا ايران ۾ فوجي ڪارروائي جي اختيارن تي غور ڪري رهيو آهي، جيڪا ڳالهين کان اڳ به ڪرڻي پئجي سگهي ٿي۔
