محڪمه موسميات موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم سڪي رهندو ۽ رات جو موسم ٿڌڙو رهندو، جڏهن ته شهر ۾ صبح سوير هلڪي ڌند ڇانيل رهڻ جو امڪان آهي.
محڪمه موسميات ٻڌايو ته شهر جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 14.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 25 کان 27 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي. ان کان علاوه هوا ۾ نمي جو تناسب 90 سيڪڙو آهي.
