وفاقي وزير براءِ مواصلات عبدالعليم خان سينيٽ اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي سينيٽر پلوشہ خان کان معافي ورتي.
سينيٽ اجلاس ۾ خطاب ڪندي عليم خان چيو ته قائمہ ڪميٽي جي اجلاس دوران هڪ واقعو ٿيو، مان 24 سالن کان سياست ۾ آهيان ۽ هر ڪاليگ سان عزت وارو تعلق رکان ٿو، ڪڏهن اهڙا لمحات اچي وڃن ٿا.
هن سينيٽر پلوشہ خان کان سينيٽ اجلاس ۾ معافي ورتي ۽ چيو ته مان پلوشہ خان، پرويز رشيد ۽ ٻين ميمبرز کان معافي ٿو وٺان، مان دل جي گهراين سان معافي خواهه آهيان.
پلوشہ خان جواب ۾ چيو ته اسان سڀني جي عزت برابر آهي، اميد آهي ته مستقبل ۾ سڀني ميمبرز جي عزت جو احترام ڪيو ويندو، ۽ اميد آهي ته مستقبل ۾ ڪميٽين ۾ اهڙو ماحول نه ٿيندو.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ قائمہ ڪميٽي براءِ مواصلات جي اجلاس ۾ وفاقي وزير عبد العليم خان ۽ سينيٽر پلوشہ خان جي وچ ۾ سخت تلخي ۽ ڳالهيون ٿي ويون هيون.
