لاهور: (سومر: 30 مارچ 2026ع) پنجاب حڪومت پهرين اپريل کان تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب جي تعليم واري وزير رانا سڪندر حيات چيوته صوبي ۾ سمورا تعليمي ادارا پهرين اپريل کان کوليا ويندا، جڏهن ته تعليمي ادارا هفتي ۾ 5 ڏينهن کليل رهندا.
رانا سڪندر حيات چيو ته اسڪول، ڪاليجز ۽ يونيورسٽين ۾ معمول موجب 5 ڏينهن تعليمي سرگرميون جاري رهنديون جڏهن ته تعليمي ادارا 4 ڏينهن کليل رکڻ جو نوٽيفڪيشن جعلي آهي.
پنجاب جي تعليم واري واري وزير وڌيڪ ٻڌايو ته ڪلاسز فزيڪل ٿيندا. هائبرڊ نظام نه هلندو في الحال آن لائن ڪلاسز جي طرف نه وڃي رهيا آهيون، اسڪول اچو پڙهائي ڪريو.
