اسلام آباد: (آچر: 29 مارچ 2026ع) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار مهمان پرڏيهي وزيرن جو استقبال ڪندي اوچتو پٽ تي ڪري پيو.
هي واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن پرڏيهي وزارت ۾ هڪ استقباليه تقريب جاري هئي، جتي وچ اوڀر واري تڪرار ۾ ٽياڪڙي جي ڪوششن لاءِ برادر اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي آمد جو سلسلو جاري هو.
مهمانن جي استقبال لاءِ ٿيندڙ هن تقريب دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، پرڏيهي وزارت ۾ پهتل مهمان پرڏيهي وزيرن جو استقبال ڪندي اوچتو پير ترڪڻ سبب فرش تي ڪري پيو.
هي تقريب سرڪاري ٽيليويزن تي لائيو نشر ڪئي پئي وئي، جنهن ۾ ڏٺو ويو ته اسحاق ڊار هڪ مهمان جي استقبال لاءِ اڳتي وڌي ٿو ته اوچتو سندس پير ترڪي پوڻ سبب هو هيٺ ڪري پوي ٿو. لائيو نشريات دوران اهو منظر پڻ واضح طور تي ڏيکاريو ويو۔
