حيدرآباد ڪوٽڙي کان تعلق رکندڙ روشن علي جلباڻي ولد منظور علي جلباڻي ۽ صبا سولنگي ولد محمد صديق سولنگي سيشن ڪورٽ حيدرآباد مان پسند جو پرڻو ڪري سٽي پريس ڪلب سامارو تي اچي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پسند جو پرڻو ڪيو آهي،
صبا سولنگي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مونکي چار مهينا اڳ منهجي اڳوڻي مڙس مرتضي اوٺو طلاق ڏنو هو مون عدد جا مهينا پورا ڪري روشن علي جلباڻي سان پيار جو پرڻو ڪيو آهي آئون پنهنجي رضا خوشي سان ٻن ڪپڙن م گهران نکتي آهيان اگر منهنجا مائييٽ مون تي ۽ منهنجي گهر واري روشن . جلباڻي ۽ انهن جي مائيٽن تي ڪيس داخل ڪن ٿا انهن کي ڪوڙو سمجهو وڃي، منهجو هي بيان ريڪارڊ تي رکيو وڃي،
مونکي ۽ منهنجي گهر واري روشن جلباڻي کي منھنجي اڳوڻي گهر واري مرتضي اوٺو ،منهجي ڀاءُ شهباز سولنگي، شهريار سولنگي، ۽ پي صديق سولنگي وارن کان جان جو خطرو آهي منهنجي آئي جي سنڌ ،وزير اعلي سنڌ، وزير اعظم پاڪستان، چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري، چيف آف آرمي اسٽاف، ۽ اعلي اختيارين کي اپيل آهي ته اسان کي تعفظ ڏنو وڃي، جڏهن ته ٻي طرف روشن جلباڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صبا سولنگي چار مهينا اڳ پنهنجي اڳوڻي مڙس مرتضي اوٺو کان طلاق ورتو هو هن پنهنجا عدد جا مهينا پورا ڪيا آهن ان کان پو۽ مونسان نڪاح ڪيو آهي اسان کي تعفظ ڏنو وڃي جنن جا نالا منهنجي گهر واري کنيا آهن انهن کان،
سامارو سٽي پريس ڪلب تي حيدرآباد ڪوٽڙي کان تعلق رکندڙ پريمي جوڙي پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي تعفظ جي اپيل ڪئي،تفصيل موجب
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
