پشاور: (اربع: 01 اپريل 2026ع) ماندل جي علائقي ڊاگ لم شاهه ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ملبي هيٺيان دٻجي 4 عورتون فوت ٿي ويون.
ريسڪيو 1122 موجب اطلاع ملندي ئي ريسڪيو 1122 جون ميڊيڪل ۽ ريسڪيو ٽيمون فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهتيون، شروعاتي ڄاڻ موجب ملبي جي هيٺيان 5 ڄڻا دٻجي ويا هئا.
ريسڪيو 1122 جي اهلڪارن وقت تي ڪارروائي ڪندي زخمين کي ملبي مان ٻاهر ڪڍيو، زخمين کي ريسڪيو ايمبولينس ۾ شروعاتي طور تي سي پي آر فراهم ڪندي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڊسٽرڪٽ اسپتال خار منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
ريسڪيو 1122 موجب زخمين ۾ رسول خان جي گهر واري جڏهن ته فوت ٿي ويلن ۾ عبدالله جان جي گهر واري، رحمت الله جي گهر واري، رسول خان جي ڌيءَ ۽ عزيز جان جي ڌيءَ شامل آهن.
