مظاهرين پيٽرول تي لاڳو غير قانوني ليوي کي فوري طور ختم ڪرڻ ۽ پيٽروليم شين تي سبسڊي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو۔
ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، سينئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، سنڌ هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر غلام مصطفیٰ چانڊيو، سنڌياڻي تحريڪ سکر جي صدر شمشاد بپڙ ۽ ايڊووڪيٽ سرواں جتوئي خطاب ڪندي چيو ته حڪمرانن هڪ مهيني ۾ 80 سيڪڙو تائين پيٽرول مهانگو ڪري عوام جي زندگي ڏکي بڻائي ڇڏي آهي۔
هنن وڌيڪ چيو ته روزمرهه جي شين جون قيمتون به آسمان تي پهچي ويون آهن، جڏهن ته پيٽرول جي ذخيره اندوزي ۽ عوام دشمن پاليسين سبب پاڪستان ۾ پيٽرول جون قيمتون دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيون ويون آهن۔
