• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    چيٽ جي پي ٽي ۾ خاموشي سان اهم تبديلي

    اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ۾ هڪ…

    2 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ سالياني ايوارڊ سرمني شاندار نموني سان منعقد
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ سالياني ايوارڊ سرمني شاندار نموني سان منعقد

admin
Last updated: December 21, 2025 2:24 pm
admin
Share
SHARE

پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ اڪيڊمڪ سال 2024–2025ع لاءِ سالياني ايوارڊ سرمني نهايت ئي شاندار، منظم، باوقار ۽ يادگار نموني سان منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ علم، ادب، ثقافت ۽ نظم و ضبط جو حسين سنگم ڏسڻ ۾ آيو. تقريب اسڪول جي وسيع ۽ سجايل هال ۾ منعقد ٿي، جتي شاگردن، استادن، والدين ۽ معزز مهمانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
تقريب جا معزز مهمان خاص محترم حنيف شريف صاحب (ڊائريڪٽر آف آغا خان يونيورسٽي امتحان بورڊ)، محترم نواب ظفر صاحب (ڊپٽي ڊائريڪٽر سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن) ۽ محترم اقبال ميمڻ صاحب (پرنسپال پبلڪ اسڪول حيدرآباد) هئا، جن پنهنجي موجودگي سان تقريب جي وقار ۾ اضافو ڪيو. ان موقعي تي ميمبرس آف بي او جي، محترمه رمشا ٽالپر ۽ محترم همايون خان پڻ موجود هئا، جن جي شرڪت محفل جي سونهن بڻجي وئي.
تقريب ۾ پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي وائيس پرنسپالن محترم فضل الدين ميمڻ ۽ محترم پير محمد جوڻيجو، ڊائريڪٽر آف اسٽڊيز محترم اشوڪ ڪمار، اسڪول جا سينيئر ۽ جونيئر استاد، شاگرد، شاگردياڻيون ۽ انعام ماڻيندڙ شاگردن جا والدين ڀرپور نموني سان شرڪت ڪئي.
پروگرام جي شروعات قرآن مجيد جي پاڪ تلاوت سان ٿي، جنهن بعد عقيدت ۽ محبت سان ڀرپور نعت رسول ﷺ پيش ڪئي وئي. ان کان پوءِ اسڪول جي پرنسپال محترم اقبال ميمڻ صاحب ۽ ميڊم ڪهڪشان پاران معزز مهمانن ۽ شرڪت ڪندڙن کي دل جي گهراين سان ڀليڪار ڪيو ويو. محترم اقبال ميمڻ تقريب ۾ ڳالهائيندي شاگردن جي صلاحيتن، استادن جي محنت ۽ والدين جي ساٿ ۽ سهڪار کي پڻ ساراهيو.
تقريب جي ڪاروائي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي اعتماد، سٺي لهجي ۽ ڀرپور مهارت سان گڏيل طور تي هلائي، جنهن سامعين کان خوب داد حاصل ڪيو.
تقريب دوران شاگردن طرفان خوبصورت ٽيبلوز، دل موهيندڙ گيت، ثقافتي رنگن سان سينگاريل ڊانس ۽ مختلف فني آئيٽمز پيش ڪيا ويا، جيڪي سامعين لاءِ اکين ۽ دلين کي وڻندڙ منظر بڻجي ويا. ان بعد اڪيڊمڪ ۽ غير اڪيڊمڪ شعبن ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ک سرٽيفڪيٽ، شيلڊون، ليپ ٽاپ ۽ ٻيا قيمتي انعام ڏنا ويا، جنهن سان شاگردن ۾ وڌيڪ محنت، لگن ۽ همت جو جذبو پيدا ٿيو. ان سان گڏ محنتي ۽ قابل استادن کي پڻ سندن خدمتن جي اعتراف طور سرٽيفڪيٽ پيش ڪيا ويا، جڏهن ته اسڪول جي ٽيڪنيڪل اسٽاف کي به نظرانداز نه ڪيو ويو ۽ کين پڻ انعامن سان نوازيو ويو.
سڄي تقريب نظم و ضبط، جوش، جذبي ۽ سٺي ترتيب سان ڀرپور رهي. پروگرام جي ڪامياب انعقاد ۾ انتظامي ميمبرن محترم صهيب سيال، محترمه قدسيا ۽ محترمه ڪهڪسان جي محنت، لگن ۽ ڀرپور ڪوششن کي خاص طور ساراهيو ويو، جن پنهنجي ذميوارين کي نهايت خوش اسلوبي سان نڀايو.
آخر ۾ تقريب ڀرپور چمڪ، دمڪ، رنگ ۽ ڍنگ سان پنهنجي پڄاڻي تي پهتي، جنهن بعد سڀني شرڪت ڪندڙن لاءِ رات جي ماني جو به شاندار انتظام ڪيو ويو. سالياني ايوارڊ سرمني شرڪت ڪندڙن جي دلين ۾ هڪ خوشگوار ۽ يادگار تاثر ڇڏي وئي ۽ اها تقريب پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي تعليمي، تربيتي ۽ ثقافتي ڪاميابين جو روشن مثال بڻجي سامهون آئي.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article ايس ايس پي سکر اظھر خان جي هدايتن تي سکر پوليس طرفان ڏوهارين، روپوش ۽ اشتهاري جوابدارن خلاف ڪارروائين جو سلسلو جاري آهي.
Next Article سنڌ جي قديمي ثقافت ۽ روايتي راند “ڪوڊي ڪوڊي” جي شاندار تقريب
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

سکر: پنوعاقل ۾ جوابدارن پاران گهر تي حملو، عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد جو الزام، متاثرين جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج

سکر (بيورو رپورٽ): پنوعاقل جي علائقي سان تعلق رکيندڙ بروھي برادري جي مردن ۽ عورتن بااثر جوابدارن پاران زيادتين، تشدد،…

By admin
3 Min Read

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ…

September 4, 2026

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول…

September 4, 2026

سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي امڪاني ورهاڱي واري رٿ خلاف تاريخي ٺهراءُ منظور

سنڌ اسيمبلي جي هڪ وڏي ۽…

September 4, 2026

جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليهوآله وسلم جو عظيم الشان جلسو ۽دستار فضیلت ڪانفرنس منعقد

سکر: جشن عيد ميلاد النبي صلي…

September 4, 2026

سکر: يونين ڪميٽي 11 جي ڪائونسلر سميت ٻين جوابدارن خلاف ايف آءِ اي پاران جاچ جو حڪم

سکر: وفاقی تحقیقاتی ادارے (ایف آئی…

September 4, 2026

You Might Also Like

پاڪستانتازھ ترينجنرلدلچسپدنيارانديونسائنس ٽيڪنالاجيشوبزصحيتعلاقائيڪاروبار

ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي فائنل: پاڪستان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي فائنل ۾ پاڪستان افغانستان خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستاني…

1 Min Read
پاڪستان

پنکی کیس ۾ ڪيترن ئي معتبر ماڻهن جا نالا سامهون اچي سگهن ٿا: آءِ جي سنڌ

ڪراچي: آءِ جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته انمول عرف پنڪي سان لاڳاپيل منشيات ڪيس ۾ ڪيترن…

3 Min Read
پاڪستان

لڪي مروت ۾ دهشتگردن جو فئڪٽري بس تي حملو، هڪ شخص جان جي هٿ کان ٻاهر، ڪيترائي زخمي

لڪي مروت جي علائقي ناورخيل موڙ جي ويجهو دهشتگردن هڪ نجي فئڪٽري جي بس تي حملو ڪيو. پوليس موجب، دهشتگردن…

1 Min Read
پاڪستان

خيرپور ڊر

اسسٽنٽ ڪمشنر عمامه سولنگي جي اڳواڻي ۾ غير قانوني ڪاروبار خلاف وڏو ڪريڪ ڊائون ايڪسائيز، ضلعي انتظاميه ۽ پوليس جي…

2 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?